خطرو ٽريو ناھي.پاڪ ھند جنگ بنا ڪنھن واضح نتيجي جاري رھندي

تحرير: زاهد حسين

ھندستان  جي بنا جواز جارحيت خلاف ڪامياب دفاع يقيني طور تي  قوم۽ سيڪيورٽي فورسز لاءِ  فخر ۽ وڏي ڪاميابي آهي. ان باوجود، جاري تڪرار ۾ فتح جو جشن ملهائڻ وقت کان اڳ لڳي ٿو. ميزائلن ۽ ڊرونز جي ڏي وٺ يقنن رڪجي وئي آھي، پر ٻنهي ملڪن  ۾ ڇڪتاڻ  اڃان ختم نه ٿي آهي. ھندستاني وزيراعظم جي بقول  هي صرف هڪ ‘وقفو’ آهي. اھا هڪ تمام خطرناڪ صورتحال آهي جنهن ۾ احتياط جي ضرورت آهي ۽ فتح جو جشن ملهائڻ  جي ضرورت ناهي.

وزيراعظم شهباز شريف جو اهو تبصرو ته هنن 1971 جي جنگ جو بدلو چڪائي ورتو آهي انتهائي  اعتراض جوڳو  لڳو. ڇا تازي ھندستاني حملي جي جواب ۾ دشمن کي شڪست ڏيڻ جو مقابلو ڪنهن به طرح سان اهڙي جنگ سان ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ پاڪستان ٻن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو ؟ 1971 جو الميو هندستان جي فوجي حملي کان گهڻو وڌيڪ هو. اها اسان جي اندروني جنگ به هئي، جنهن کي هڪ قوم جي حيثيت سان ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي. هي الميو اسان جي ضمير تي نقش ٿيل آهي.

قومي سلامتي کي سياسي رنگ  ڏيڻ کان هر قيمت تي پاسو  ڪرڻ گهرجي. هندستاني جارحيت  سياسي محاذ تي قوم کي متحد ڪيو. سياسي پارٽيون پنهنجا اختلاف هڪ طرف رکي هٿياربند فوجن سان گڏ بيٺيون. پر جيئن ئي حالت جي دز ٿوري ويٺي آھي  تھ اھي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻئي جي آمھون سامهون آهن ۽ ان ۾  اهو وساري چڪا آهن ته قومي سلامتي جو خطرو  اڃان ٽريو نه  آهي.

اهڙي صورتحال ۾ سڀ کان وڏي ذميداري  حڪومت جي آھي تھ هندستان جي طرفان  هڪ ٻئي حملي جي خطري کي نظر ۾ رکندي اھي سياسي گرمي پد کي گهٽ رکن. سياسي طور تي ورهايل قوم سان ملڪي دفاع ڪمزور ٿئي ٿو پوءِ پاڪستان جي آرمي چيف جي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي ۽ پاڪستان ايئر فورس چيف جي ملازمت جي مدت ۾ واڌ بابت پڻ سوال آهن. بي شڪ ٽنهي فوجن هندستاني حملي کي ناڪام بڻائڻ ۾ وڏي همت ڏيکاري. خاص طور تي پاڪستان ايئر فورس سڀ کان اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن نه رڳو پنهنجي هوائي سرحدن جو دفاع ڪيو پر ڪيترن ئي هندستاني جنگي جهازن کي به ڪيرايو.ان سان روائتي جنگي محاذ تي  پاڪستان جي رٽ گڪ ڀيرو ٻيھر قائم ٿي. پاڪستان آرمي چيف جي قيادت جي صلاحيتن تي بھ ڪو شڪ ناهي.

پر ان جي باوجود  اهو سمجهڻ  ڏکيو آهي ته چئن ڏينهن جي تڪرار جي بنياد تي آرمي چيف کي اعليٰ ترين عهدي تي ترقي ڏيڻ جي واقعي ضرورت ھئي. يقيناً اها ڪا باقاعده جنگ نه هئي.پاڪستان جي پھرين فوجي آمر ايوب خان کان پوءِجنرل عاص منير 5 اسٽار جنرل طور ترقي حاصل ڪندڙ پاڪستان جو ٻيو  فوجي سربراهه آهي.جتي طاقتور دشمن سان مقابلو ڪرڻ جي پاڪستاني هٿياربند فوج جي صلاحيتن کي ساراھڻ  جي ضرورت آهي،اتي  اسان کي پنهنجي ڪمزورين تي به تنقيدي جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي. هندستاني ميزائلن  جو  اهم هوائي اڏن، جنھن ۾ راڄڌاني ويجهو واقع نور خان ائير بيس کي نشانو بڻائڻ پاڪستان لاءِ پريشاني جو سبب هجڻ گهرجي. يقيني طور تي نقصان ايترو وڌيڪ نه ٿيو ھوندو،جيترو هندستاني وزيراعظم دعويٰ ڪري رهيو آهي. ان جي باوجود  هڪ ٻئي هندستاني حملي جي امڪان  کي سامهون رکندي پاڪستان کي پنهنجين خامين کي دور ڪرڻو پوندو.چئن ڏينهن جو فوجي ٽڪراءَ  ٻن ايٽمي هٿيار رکندڙ پاڙيسرين کي  باقاعدھ  جنگ جي ڪنڌي تي اڻي ڇڌيو. جڏهن ته ان علائقائي ۽ عالمي جاگرافيائي سياست  ۾ تيزي سان ايندڙ تبديلين جي بھ عڪاسي ڪئي.

هندستان کي شڪ ھو تھ تڪراري علائقي  جي سياحتي مقام تي دهشتگرد حملي جي جواب ۾ اھو پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي ڪندو.تھ کيس بين الاقوامي حمايت حاصل ٿيندي، پر سندس اھا چال مڪمل طور تي  ناڪام  ٿي. شايد مودي سرڪار لاءِ سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اها دعويٰ هئي ته هن واپار کي فائدي طور  استعمال ڪندي جنگ بندي ۾ ٽياڪڙي  ڪئي.

اولهه ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ اتحادين کان پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ ۾ ھندستان جي ناڪامي  جو ھڪ  سبب اھو بھ ھو تھ اھو پهلگام دهشتگرد حملي ۾ اسلام آباد جي مبينا ملوث هجڻ جو ڪو به ٺوس ثبوت فراهم ڪرڻ  ۾ ناڪام رھيو. ھندستان گھڻو ماضي جي واقعن تي ڀاڙي رھيو ھو. جنهن ۾ مبينا طور تي مقامي شدت پسند گروپن جو ڪردار  هو. اسرائيل شايد واحد ملڪ هو جنهن پاڪستان خلاف هندستان جي فوجي ڪارروائي جي کليل طور تي حمايت ڪئي.

آمريڪا ۽ ٻين اولھھ ملڪن پاران ٻنهي رياستن کي تحمل جي  مشوري ڏيڻ جو هڪ ٻيو معقول سبب اهو هو ته انهن کي ڊپ هو ته تڪرار جوھري ٽڪراءَ  ۾ تبديل ٿي ويندو.جنھن سان  عالمي امن لاءِ تباهي ڪندڙ نتيجا سامھون ايندا. مودي سرڪار پنهنجي غرور ۾  هندستان جي اسٽريٽجڪ ۽ اقتصادي اهميت جو غلط اندازو لڳايو.

بهرحال، ڪشمير ۽ ٻينحل جوڳن مسئلن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽياڪڙي  جي ٽرمپ جي آڇ کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ  هڪ غلطي هوندي. نئين دهلي طرفان ڪنهن به ٻاهرين ٽياڪڙي  کي قبول نه ڪيو ويندو. ان کان علاوه، واپار ۽ ٽيرف جي معاملن تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪرار جي باوجود، هندستان آمريڪا جو هڪ اسٽريٽجڪ اتحادي آهي، پر ان ۾ ڪي ٻھ رايا نھ آھن تھ پاڪستان وٽ واشنگٽن سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪرڻ جو سٺو موقعو آهي.بهرحال، هندستان لاءِ هڪ ٻيو پريشان ڪندڙ عنصر پاڪ چين دفاعي تعاون جي برتري آهي. هوائي جنگ ۾ پاڪستان جي شاندار  ڪاميابي وڏي حد تائين چين سان اسٽريٽجڪ اتحاد جو نتيجو آهي. ٻنهي هوائي فوجن جي وچ ۾ ويجهي تعاون کان علاوه، چين پاڪستان جي بحري محاذ تي پڻ تعاون ڪري رهيو آهي.

پاڪستان ۽ چين جي گڏيل سيڪيورٽي، فوجي ۽ اقتصادي خدشا آهن. چين سان روايتي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۽ انھن کي مضبوط ڪرڻ پاڪستان جي پرڏيهي ۽ قومي سلامتي پاليسين جو هڪ لازمي حصو آهي. بهرحال، بيجنگ نه چاهيندو ته سندس ٻن ايٽمي هٿياربند پاڙيسرين جي وچ ۾ تڪرار هڪ سنگين رخ وٺي. يقيناً، هندستان ۽ پاڪستان وچ ۾ نئين چنگاري سڄي خطي ۽ ان کان ٻاهر سنگين اثر وجھندي.

ائين لڳي ٿو تھ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ   جنگ جي ميدان کان سفارتي محاذ تي منتقل ٿي ئي آهي، جتي ٻئي ملڪ پنهنجي وفدن کي مختلف ملڪن ڏانهن  موڪلي  ڇڪتاڻ  بابت پنھنجي موقف جي وضاحت ڪري  رهيا آهن. اهو تھ واضح آهي ته ٻئي ڌريون دهشتگردي جو مسئلو اٿاري رھيون آھن، جيڪو ظاهري طور تي جاري خفيه جنگ ۾ هڪ ٻئي جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي. بين الاقوامي برادري ٻنهي ملڪن کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ ڇا ڪري سگهي ٿي، ان جون حدون آهن.

ٻنهي ڌرين هڪ اهڙي تڪرار ۾ فتح جو اعلان ڪيو آهي جنهن جو ڪو حل نھ نڪتو آھي. هي هڪ اهڙي جنگ آهي جنهن جو ڪو واضح انجام ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.