ڪي بي فيڊر ۾ 3 دوست ٻڏي ويا، هڪ جو لاش هٿ

ڄامشورو (ڊر) ڄامشورو ڀرسان ڪي بي فيڊر ۾  وهنجڻ دوران 3 ڄڻا ٻڏي ويا، ڄامشورو شھر اندر شديد گرمي جي لھر سبب 3 نوجوان دوست ڪي بي فيڊر ۾ وھنجندي ٻڏي ويا، جنهن دوران اتي موجود ماڻھن ٻن ڄڻن کي وقت سر پاڻي مان ڪڍي بچائي ورتو، جڏھن ته ھڪ نوجوان نوابشاهه واسي 21 ورهين جو محمد زمان پٽ پير محمد حفيظ ٻڏي ويو، جنھن جو لاش مقامي ٽوٻن پاڻي مان ڪڍي پوليس حوالي ڪيو، پوليس لاش لمس اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، بعد ۾ فوتي نوجوان جي وارثن سان رابطو ڪري لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.