مورو واقعو، واردات جو پراڻو طريقو ۽ نئون نسل

تحرير: ڊاڪٽر عبدالقدير ميمڻ

14 سيپٽمبر 1982 تي، سنڌ سان خاموش انداز سان تباهي ڪندڙ ان وقت جي ماڊل ڊڪٽيٽر، صدر پاڪستان جنرل محمد ضياءَ الحق، مورو – دادو پل جو مورو واري ڪپ تي، غلام مصطفيٰ جتوئي جي تڪ ۾ نيو جتوئي ڏانهن منهن ڪري افتتاح ڪيو هو. هي مورو-دادو پل سنڌ توڙي پاڪستان جي ماڻهن جي پراڻي خواهش موجب ٺهي هئي. جنهن جو ڪريڊٽ ته ان وقت جي صدر پاڪستان کنيو، پر ان افتتاح جي اندر ڪيترين ئي حڪمت عملين ۽ زميني حقيقتن کي به پرکڻ ضروري هو. ان لاءِ ضياءَ الحق جو پنهنجو هجڻ به لازمي هو.

ضياءَ مخالف جمهوريت پسند پارٽين جو اتحاد ٺهي چڪو هو. انهن جمهوريت جي بحالي لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو هو. اهڙين تحريڪن کي روڪڻ يا بدنام ڪرڻ حڪومت جو ذمو هوندو آهي، خاص طور تي جڏهن سندس مخالف ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار بيٺا هجن. انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تائين پهچنديون آهن.

ان صورتحال ۾، ايم آر ڊي کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ، ضياءَ الحق پنهنجي چالن کيڏي. هن افتتاحي تختي جي 40 ميل (اٽڪل 72 ڪلوميٽر) جي چوگرد علائقي کي چونڊيو، جنهن ۾ تشدد، مارڌاڙ، خونريزي ۽ ڦرلٽ جا سمورا عنصر شامل ڪيا ويا. مقصد اهو هو ته پرامن گرفتاري ڏيڻ واري جمهوري تحريڪ کي بدنام ۽ چيڀاٽجي، سندن قيادت کي يرغمال بڻائي سگهجي.ڇو ته هنن جو هي مرڪز سنڌ ۾ هو، تنهنڪري ان کي علحدگي پسند، يعني سنڌو ديش جي تحريڪ طور پيش ڪري، انهيءَ تحريڪ ۾ به ڏڦيڙ وجهي، تباھ ڪيو ويو. گڏوگڏ ايم آر ڊي کي به ان تحريڪ مان اهڙو ڌڪ ڏنو ويو، جو هو هميشه لاءِ خاموش ٿي ويا ۽ اڳتي ڪا به منظم تحريڪ هلي نه سگهي. پوءِ دنيا ڏٺو ته ايئن ئي ٿيو.

ڀريا، نوشهروفيروز، مورو، خيرپور ناٿن شاهه، لاکاٽ، دادو، پنهنل خان چانڊيو، ۽ قاضي احمد جهڙا شهر 40 ميلن جي اندر ايندا هئا. اتي پوليس ۽ فوج جهموريت جي پانڌيئرن تي گوليون وسايون، بم ڪيا. ڌاڙيلن جي ٽولن ذريعي اغوا، ڦرلٽ ۽ دهشت جو ماحول پيدا ڪيو ويو. نيشنل هاءِ وي نو-گو ايريا بڻجي ويو. نورپور ته سموري پاڪستان ۾ ان ڦرلٽ جي حوالي سان مشهور ٿي ويو. رات جو ٽرڪن کي باهيون ڏئي دهشت ڦهلائي ويندي هئي. اهي ڪارروايون لوڪل ماڻهن ۽ قبيلن جي نالن تي ڪيون وينديون هيون يا ڪرائي وينديون هيون.وفاق وٽ مورو شهر Recognized يعني تسليم ٿيل رهيو آهي.

اڄ جڏهن ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف هلندڙ تحريڪ کي پرتشدد بڻائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، ته لڳي ٿو ته اها ضياء الحق واري پراڻي هدايت ڪيل فلم، آرڪائيو مان ڪڍي نون ڪردارن سان "چرٻو” بڻائي ٻيهر هلاي وئي آهي. ساڳي Radius ۾ ساڳي طريقي سان مارڌاڙ، پرتشدد ڪاروايون، ڌاڙيل ڪلچر ۽ قومپرست ڌرين کي هيسائڻ، جيلن ۾ واڙڻ، تشدد ڪرڻ، ماڻهن ۾ ڊپ وجهي، ڪينال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ واري رٿا کي ڪامياب ڪرڻ جي سازش آهي. ۽ اسان کي وري 30–40 سال اٿڻ نه ڏنو ويندو.انهيءَ لاءِ سنڌ دوست قيادت کي سمجهڻ گهرجي ته هن وقت نه سائين جي ايم سيد جهڙا فڪر رکندڙ آهن، نه وري شهيد بينظير ڀٽو جهڙيون قداور سياسي عوامي شخصيتون اسان وٽ موجود آهن. ها، البت ڪمزور قيادتن سان گڏ انهن جي هٿان پيدا ٿيل، پاڻ کي تجربيڪار چوندڙ، سنڌ جي قيادت سڏائيندڙ شخصيتون ضرور موجود آهن.

اهڙي صورتحال ۾، جتي سموري سوسائٽي ڪرپٽ ٿي چڪي هجي، اتي ڪرپٽ قيادتون ۽ ليڊر ڪيئن "فرشتا” ٿي سگهن؟ سنڌي عوام هن وقت سمنڊ ۾ تباھ ٿيل ٻيڙي مان ڪري، وچ سمنڊ ۾ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ان کي هڪ "ڪک” به نظر اچي ٿو ته هو ان کي ان اميد سان پڪڙي ٿو ته متان اهو ان کي بچائي. پر اهو طئه ٿيل اصول آهي ته هڪ "ڪک” بچائي نٿو.تنهن ڪري، سنڌ جي باسمجه، باغيرت ۽ سنڌ پرست عوام کي انهن جي چالاڪين ۽ سازشن کي سمجهي اڳتي وڌڻو پوندو. نيٺ ته هڪ متفق ليڊر ضرور اڀرندو، جيڪو سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ظلم ۽ ظالمن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اڳتي ايندو.

هي منهنجي پرورش وٺندڙ خيالن جو هڪ نچوڙ آهي، جيڪو مان سنڌين لاءِ لکي رهيو آهيان. ته جيئن سوچ سمجهه سان ماضيءَ جي واقعن کي نظر ۾ رکي اڳتي وڌڻ سکي سگهون. ڇو ته هن ملڪ ۾ ساڳيون فلمون، صرف وقت، حالتون ۽ چهرا بدلائي، وري وري هلايون وڃن ٿيون.جڏهن ته فيلڊ مارشل ايوب خان، صدر ضياء الحق، ۽ وزيراعظم محمد خان جوڻيجو به، پنهنجي دور ۾ ساڳي طريقي سان ملڪ هلايو هو.

مورو ۾ جيڪو ڪجهه تشدد ٿيو جنهن ۾ فائرنگ ۽ باھ لڳڻ جا واقعا ٿيا ۽ انهن واقعن ۾ ٻه ڳپرو پاڻي پياسا شهيد ٿي ويا ۽ ان رياستي اشتعال انگيزي واري حڪمت عملي ۾ گهرو وزير جو گهر ۽ ٽرالا سڙي ويا انهيءَ واقعي جي لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ججن تي ٻڌل هڪ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪري ان جي رپورٽ کلي عام ظاهر ڪري انهيءَ واقعي جي پردي پويان ڪردارن کي پڻ وائکو ڪيو وڃي، جيڪي پنهنجن خصيص مفادن خاطر ڪينالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف هلندڙ پرامن جدوجهد کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ انهي ۾ تشدد جو عنصر وجهي سنڌي نوجوانن جو قتل ڪري، سنڌي قوم کي هيسائي سندن درياءَ، زمينون، معدنيات، سمنڊ ،گيس، روڊ ۽ ڪوئلو هڙپ ڪري سنڌ جي ماڻھن کي غربت ۽ لاچاريءَ جي موت طرف اڇلڻ جي مذموم مقصدن جي حاصلات چاهين ٿا.

مورو جو سانحو ڪو اتفاقي يا پاڻمرادو واقعو نه آهي، انهيءَ جا پردي پويان ڪيترائي محرڪات ٿي سگهن ٿا، جن جي نشاندهي اسين ايم آر ڊي واري تحريڪ سان ڀيٽ ڪري سمجهائڻ چاهيون ٿا ته هيءَ 2025 جي سنڌ آهي، نئون نسل تيار ٿي چڪو آهي جن جي کيسي ۾ سموري دنيا جي ڄاڻ ۽ معلومات موجود آهي توهان انهن جي سوچ، خيال يا انهن جي معلومات کي پنهنجن پراڻين ڪهاڻين سان ختم ڪري نٿا سگهو.

اڄ نائون ڏينهن آهي جو مورو جو سمورو موبائيل نيٽ ورڪ بند آهي ۽ شهرين کي مختلف ڪوڙن افواهن جي هلندڙ فيڪٽرين پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ڪاروباري ماڻهون پريشان آهن جيڪي پنهنجو آن لائين ۽ بينڪن سان ڪاروبار نه پيا ڪري سگهن ۽ مورو واسين يا سنڌ واسين کي نه ڪيل گناهه جي سزا ڏيڻ بند ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.