سنڌ ۾ نهري پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين مسئلو

تحرير: غلام حسين جوڻو

سنڌ ۾ نهري پاڻي جي کوٽ وڌندي پئي وڃي. درياءَ ۾ پاڻي گھٽ پيو اچي جنهن جي منصفاڻي ورڇ ڪٿي به نظر ڪونه ٿي اچي. آبپاشي کاتو، ان سلسلي ۾ مڪمل طرح ناڪامياب ٿي چڪو آهي. اها حالت آهي جو، سنڌ جون کوڙ شاخون ڪيترن ئي مهينن کان بند پيون آهن. انهن ۾ پاڻي ڪونه ٿو ڇڏيو وڃي. انهن شاخن تي جيڪي زمينون آباد ڪيون وينديون آهن. تن مان ڪافي غيرآباد ۽ ويران ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جتي اڳ ۾ ساوڪ، رنگيني ۽ رونق هوندي هئي. هاڻ اتي ڪو ٻوٽو يا سلو نظر ڪونه ٿو اچي. آبادگار پنهنجي حيثيت آهر خرچ ڪري ٽيوب ويلن جي پاڻي ذريعي ڪجهه ايراضي تي فصل ڪاهي رهيا آهن ۽ پنهنجو پيٽ پالڻ لاءِ محنت پيا ڪن. باقي آبپاشي کاتي ته اهڙو حشر ڪيو آهي جو، الله پناهه ۾ رکي. شاخن جي منڍ وارن آبادگارن کان پئسا وٺي، پوڇڙي جي زمينن جو سمورو پاڻي وڪرو ڪري کين ڏنو پيو وڃي. پوڇڙي ۾ پاڻي جو ڦڙو به ڪونه ٿو پهچي.

اهڙي طرح ڄاڻايل کاتي جا عملدار بااثر زميندارن، ڀوتارن ۽ سياستدانن جي زمينن کي پاڻي جي فراهمي ۾ به، قاعدن ۽ قانونن کي نظرانداز ڪيو ويٺا آهن ۽ قانون جي لتاڙ پيا ڪن. انهن با اثرن کي راضي ڪرڻ لاءِ سندن بنگلن جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. ٻين جي حصي جو پاڻي به کين ڏنو پيو وڃي. اهڙي طرح ننڍن آبادگارن جي زمينن ۽ پوڇڙي وارين زمينن کي پاڻي ڏيڻ کان نابري واريو ويٺا آهن. آبپاشي کاتي وارا ٻين جي حق تلفي ڪري رهيا آهن. هتي ڪوبه قانون ڪونه آهي. جيڪو حرڪت ۾ اچي چرپر ڪري ۽ ان ڏوهه ۾ ملوث هٿن کي پڪڙي پڇاڻو ڪري. هو، قانون کان ڏاڍا مٿانهان، سگھارا ۽ طاقتور آهن. جنهن ڪري انهن کان ڪير به پڇي نه ٿو سگھي.

هن وقت حالت اها آهي جو، اسان جي قوم جا چونڊيل نمائندا پنهنجيون زرعي زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سمورو نهري پاڻي زبردستي سان وهي رهيا آهن. سندن شاخن تي ڪابه وارا بندي ڪونه ٿي ٿئي. انهن جي شاخن مان نڪرندڙ واٽر ڪورسن تي به ڪو دڪو ڪونه ٿو لڳايو وڃي. جنهن ڪري سمورو پاڻي انهن سگھارن ماڻهن جي زمينن ۾ وڃي رهيو آهي. سندن سو سيڪڙو زمينون آباد ۽ ذرخيز آهن. جيڪي ايندڙ ويندڙ نگاهن جو مرڪز بنيل آهن. پر، ننڍا آبادگار ۽ پوڇڙي وار آبادگار دانهون ڪندا رهن ٿا. پر، ڪير به سندن ڪونه ٿو ٻڌي. موجوده نام نهاد جمهوري حڪومت ته مخالفن جي زمينن کي بنجر بنائڻ لاءِ به مذڪوره پاڻي بند ڪرائي ڇڏيو آهي. تانته کين زرعي پيداوار حاصل ٿي نه سگھي ۽ هو، مفلوج الحال بنجي وڃن. آبپاشي عملدار به مذڪوره با اثر ماڻهن جا ونگارو، مددگار ۽ ٻانهن ٻيلي آهن. اهي  کين راضي ڪرڻ لاءِ غير قانوني قدم کڻي رهيا آهن. کين راضي ۽ خوش ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري انهن جي اشاري جي سواءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو ڪونه ٿا ڪن ۽ نه وري سندن چوڻ تي عمل ڪرڻ کان ڪيٻائين، لهرائين ۽ نٽائين ٿا. ائين ٿو محسوس ٿئي ته، اهو کاتو ان ڪري متعارف ڪرايو ويو آهي ته جيئن هو ڀوتارن جي مدد ڪندا رهن ٿا ۽ ٻين آبادگارن جي حق تلفي ڪندا رهن. ڀلي غريب آبادگار ۽ هاري رڙيون ڪندو رهي. پر، انهن جي هڪ به ٻڌڻي ڪونه آهي. صرف کين دلاسن ۾ ئي هلائڻو آهي. دلاسا، ڏٽا ۽ آسرا ڏيئي کين ڀت سان لڳائڻو آهي. اهو به هڪ ظلم ۽ زيادتي آهي.

آئون، مڃيان ٿو ته، سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. پنجاب کان گھٽ پاڻي اچي رهيو آهي. جنهن ڪري سنڌ جون سموريون زرعي زمينون ته آباد ٿي ڪونه ٿيون سگھن. پر، جيڪي وڏا ڌاڙيل آهن سي، سموري نهري پاڻي تي قبضو ڪيو ويٺا آهن. جنهن ڪري غريب ننڍا آبادگار فصل پوکي ڪونه ٿا سگھن. جيڪڏهن ڪو فصل پوکين ٿا ته به پاڻي نه ملڻ ڪري اهو سوڪهڙي جو شڪار ٿيو وڃي ٿو. نتيجي ۾ جيڪو پوکائي تي خرچ ڪيو وڃي ٿو سو، سمورو ضايع ٿيو وڃي ٿو. ڪابه پيداوار حاصل ڪونه ٿي ٿئي. زرعي کاڌ، ٻج، ٽريڪٽر جو ڪم ۽ محنت مان ڪوبه لاڀ حاصل ڪونه ٿو ٿئي. اهي ننڍا آبادگار پريشان حال آهن. اهي غريب ترين ٿيندا پيا وڃن. ٻن ويلن جي ماني لاءِ واجهائيندا رهن ٿا. سندن قسمت بدلائڻ لاءِ ڪير به ڌيان ڪونه ٿو ڏيئي. صرف ڪوڙيون دعوائون ڪيون پيون وڃن ته اسان عوام جي خدمت ۾ يقين رکون ٿا. جنهن ڪري عوام جي خدمت ترجيحي بنيادن تي ڪري رهيا آهيون. پر، هاڻ سندن اهڙين چالبازين کي سڀ ڪو سمجهي ويو آهي. اعتبار گھٽ ڪيو پيو وڃي. ڀروسي جو فقدان پيدا ٿي رهيو آهي. مايوسي عوام جو مقدر بنجي چڪي آهي.هن وقت وونئڻن پوکڻ جي مند هلي رهي آهي. پاڻي نه هئڻ ڪري ڪافي ايراضي تي انهن جي پوکائي ڪونه ٿي سگھي آهي. کوڙ زرعي زمينون بنجر ٿي ويون آهن. اهي غيرآباد آهن. تمام ٿوري زمين ۾ وونئڻن پوکجي رهيا آهن. پاڻي گھٽ هئڻ ڪري کرن تي وونئڻ پوکيا پيا وڃن. پوءِ ڪن هنڌن تي نهري پاڻي پهچي ٿو ته ڪن هنڌن تي مورڳو پاڻِ جي فراهمي بند آهي. جتي نهري پاڻي نه ٿو اچي، اتي ٽيوب ويلن تي پوکائي ڪئي پئي وڃي. اهو عام چوڻ آهي ته، ٽيوب ويل جي پاڻي کان نهري پاڻي زمين لاءِ فائديمند آهي. درياءَ جي پاڻي جولٽ، زرعي زمين کي طاقت ڏيئي ٿو. جنهن ڪري فصل ڀلا ٿين ٿا ۽ پيدائش به گھڻي ۽ جهجهي ملي ٿي. جڏهن ته ٽيوب ويل جو پاڻي نهري پاڻي سان مقابلو ڪري نه ٿو سگھي. بهر حال جيڪي وونئڻ پوکجي ويا آهن. انهن کي ضرورت موافق پاڻي ملندو رهندو ته فصل اپت ڏيندو. پر، جيڪڏهن ضرورت موجب پاڻي نه مليو ته، اهو فصل خاطرخواه پيدائش ڏيئي نه سگھندو. اهو به انديشو، خطرو ۽ امڪان آهي ته، پاڻي نه ملڻ ڪري مذڪوره فصل تي ڪيل خرچ جيتري به آمدني ڪونه ملي سگھندي. نتيجي ۾ آبادگار حضرات سيٺين ۽ واپارين جا قرضي ٿي ويندا ۽ قرض جا پئسا به ڏيئي ڪونه سگھندا. اهو حشر نه رڳو وونئڻ جي فصل سان ٿي رهيو آهي. پر، ٻين فصلن سان به ڏسڻ ۾ اچي ٿو. خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪي باغات آهن سي متاثر ٿي رهيا آهن. پاڻي نه هئڻ ڪري باغن جا وڻ ڪومائجندا پيا وڃن ۽ سڪندا پيا وڃن. هن وقت انبن جي مند آهي. سنڌ جا انب سڄي دنيا ۾ مشهور آهن. ۽ سڄي دنيا سان انبن جو واپار ڪيو ويندو آهي ۽ اتان آبادگار ناڻو ڪمائيندا رهن ٿا. پر، هن سال ان واپار کي به وڏو ڌڪ لڳو آهي. پاڻي نه هئڻ ڪري باغن ۾ ڪافي بيماريون پيدا ٿي پيون آهن. انهن بيمارين جي باري ۾ زرعي ماهر ئي ٻڌائي سگھن ٿا.

اهڙي طرح سنڌ ۾ ڪيلي جو فصل به متاثر ٿي رهيو آهي. ڪيلي جي باغن ۾ پاڻي جي وڌيڪ ضرورت پوي ٿي. جيڪا ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ ڪافي وڌيڪ آهي. پاڻي نه هئڻ ڪري ڪيلن جي پيداوار ۾ به گھٽتائي ٿيندي پئي وڃي. بلڪل ساڳئي طرح چانور (ساريون) به گھڻي پاڻي تي پوکيا ويندا آهن. نهري پاڻي سارين لاءِ انتهائي فائديمند آهي. پر، پاڻي نه هئڻ ڪري ڪافي آبادگار ۽ هاري چانور ڪونه پوکي رهيا آهن. اهي زمينون به غيرآباد، ويران ۽ بنجر بنجي ويون آهن. بهرحال اهڙي صورتحال ۾، آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي. اهي غريب کان غريب ترين ٿيندا پيا وڃن. جنهن ڪري سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سنڌ مان خوشحالي موڪلائيندي پئي وڃي. ماڻهن جي بدحالي ڏسي انتهائي ڏک ۽ افسوس ٿئي ٿو.هن وقت آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ذميواري آهي ته، هو، نهري پاڻي جي منصفانه ورڇ ڪري سڀني آبادگارن کي پنهنجي حصي موافق پاڻي جي فراهمي کي يقيني بنائي. ائين ڪرڻ سان هتان جون زمينون غيرآباد ۽ بنجر بنجڻ کان بچي وينديون ۽ زراعت به ترقي ڪري سگھي ٿي. آبادگارن جو معاشي قتل بند ٿي ويندو. خوشحالي جي وقت اچڻ جي اميد رکي سگھجي ٿي. ان سلسلي ۾ حڪومت ۽ ڄاڻايل کاتو پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ۽ زراعت کي تباهي کان بچائي. هتان جي اسي سيڪڙو عوام جو گذران زراعت تي آهي. اهو گذران انهن کان هرگز نه کسيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.