شهيد زاهد لغاري کانپوءِ موري واقعي جو ٻيو شهيد بجاراڻي لغاري ڳوٺ واسي عرفان لغاري جو مڙهه نيٺ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ قومي ۽ مذهبي روايتن ۽ يا حسين جي صدائن سان ٻيهرمٽي ماءُ حوالي ٿيو ويو. سندس جنازي نماز ۾ هزارن جي انگ ۾ موري واسين ۽ سنڌ جي ڏورانهن علائقن کان پهتل سنڌ واسين شرڪت ڪري ساڻس پنهنجي محبت جو نه صرف اظهار ڪيو پر کيس سنڌو درياهه جي بقا لاءِ ويڙهاند ڪندڙ ٻيو شهيد قرار ڏنو.شهيد جي جنازي نماز سنڌ جي ناليواري ذاڪر ۽ ٻٻرلوءِ جناب اياز قمي پڙهي جيڪو شروع کان وٺي شهيد جي وارثن سان گڏ تڏي تي رهيو ۽ ڏک ونڊيندو رهيو.تدفين وقت ڳوٺ ۽ قبرستان ۾ ٿڌي پاڻي جو سبيلون قائم ڪيون ويون هيون جڏهن ته ڳوٺاڻن لاءِ کاڌي پيتي جو سامان ۽ ننگر پهچندا رهيا.
شهيد عرفان لغاري جي مڙهه سان ڇا نه ڇا ٿيو سنڌ واسين ۽ پوري دنيا آڏو آهي.پهريان ته سندس مڙهه کي وارثن جي قبضي مان حيدرآباد جي ايل ايم سي اسپتال مان زبردستي کنڀيو ويو بعد ۾ لاش کي موري ۽ ڀرپاسي جي روڊ رستن تي رلائي سندس مڙه اباڻي ڳوٺ ۾ دفنائڻ بنا ٻگهين جي ڳوٺ واري ملان محمد جي قبرستان ۾ لاوارث قرار ڏئي دفنايو ويو جڏهن ته هن شهيد جا پنهنجا وارث موجود به هئا جن حوالي مڙهه حوالي نه ڪيو ويو. وڏي صدمي واري ڳالهه اها آهي ته ٻٻرلوءِ ڌرڻي ۾ ويٺل سنڌ جي وڪيل توڙي قومپرست قيادت ۽ لکين سنڌي به هن مڙهه جا وارث هئا پر تن به ٻوٽو نه ٻاريو نه مڙهه پوليس کان ورتو ۽ نه پنهنجي هٿن سان دفنايو جنهنجو نتيجو ابتو نڪتو جو شهيد جي مڙهه کي لاوارث قرار ڏئي دفنائي نه صرف مڙهه جي پر مڙهه جي ست ڪروڙ وارثن جي توهين ڪئي وئي. شهيد جي تڏي تي مورو جو هڪ وڪيل نورمحمد تنيو سرگرم نظر آيو جنهن اهڙي غيرانساني غيرقانوني تدفين کي سيشن جج نوشهروفيروز آڏو وائکو ڪيو ۽ مڙهه جي قبر ڪشائي جا احڪامات ورتا. مڙهه جي لاوارث طور تدفين بعد سيشن جج جناب قاضي بدرالدين انجو سخت نوٽيس ورتو ايس ايس پي بشير بروهي کي توهين عدالت جو نوٽيس موڪليو پر قبر ڪشائي ۽ مڙهه سڃاڻپ بعد وارثن حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو جنهن تحت شهيد جو مڙهه قبر مان ڪڍرائي ٽيون ڏينهن وارثن حوالي ڪيو ويو جن شهيد کي وڏي رتبي ۽ قومي جذبي تحت مٽي ماءُ حوالي ڪيو. ڪاش ٻيو نه سهي رڳو ٻٻرلوءِ ڌرڻي واري قيادت ۽ ان ۾ شريڪ ڪارڪن وقت سر جاڳي پون ها ۽ مورو پهچن ها ته شايد هن شهيد جي مڙهه جي انهي انداز ۾ توهين نه ٿئي ها نه وري ٻه قبرون کوٽجن ها نه وري ماڻهن ۾ ڪا خوف و هراس واري صورتحال پئدا ٿئي ها. شهيد جي وارثن طرفان مڙهه وصول ڪرڻ کان ڪڏهن به انڪار نه ڪيو هو هنن ته صرف اهو مطالبو ڪيو هو ته مڙهه ته وصول ڪريون پر ڪير دفنائيندو جو سندس مرد وارث سمورا قيد آهن يا گم ڪيا ويا آهن جن کي آزاد ڪيو وڃي ته جيئن اهي به جنازي ۾ شريڪ ٿي سگهن. مورو واقعي کي گذرئي ٻه هفتا ٿي چڪا آهن پر ان واقعي ۽ شهيد و زخمي ٿيندڙن جي ڪا به ايف آءِ آر داخل ٿي ناهي سگهي جڏهن ته حڪومتي ڌر پاران شهيدن ۽ شهيدن جي وارثن همدردن خلاف اڳ ۾ ايف آءِ آر ڪٽرائي ڇڏي آهي ۽ موري واقعي جي شهيدن کي دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا صداقت ناهي. هونئن به سنڌ جا سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهو ڪڏهن به دهشتگرد ناهن رهيا پرامن ماڻهو آهن جن کي دهشتگرد سڏڻ افسوس جهڙي ڳالهه آهي .جيڪڏهن حڪومت ۽ انجا وزير اهڙي قسم جو تاثر ڏئي رهيا آهن ته ان لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا سموري صورتحال جو گهري نظر سان جائزو وٺي رپورٽ پڌري ڪري.سنڌ ۾ هن وقت تائين جيڪي به صحافي پروفيسر ڊاڪٽر وڪيل ۽ ٻيا شهيد ٿيا آهن تن جي پويان پوليس وڏيرن ۽ سردارن جو هٿ رهيو آهي ۽ اهي هٿ وائکا ناهن ٿيا نه وري کين سزا ملي آهي.
شهيد زاهد ۽ شهيد عرفان جي خونن جي ڪا ايف آءِ آر وقت سر داخل ٿي ناهي سگهي ته ان ۾ به سندن وارثن جو ڪو به ڏوهه ناهي جو اهي آسرن ۾ رهيا ته وڪيل قيادت سيشن جج نوشهروفيروز معرفت سڌي سنئين ايف آءِ آر ڪٽرائيندا جڏهن ته سنڌ جي قوم پرست قيادت جو به فرض هو ته اهي به وڪيلن جو انتظار ڪرڻ بنا اهڙي قسم جي ايف آءِ آر پاڻ به ڪٽرائي پئي سگهيا جن جي آسرن جو اهو ئي نتيجو نڪتو جو نه صرف عرفان لغاري جو مڙهه کنڀجي ويو پر کيس لاوارث قرار ڏياري دفنايو به ويو ۽ نتيجي ۾ ٻه ٻه قبرون کوٽڻيون پئجي ويون.هن سموري ماحول ۾ جيڪڏهن سنڌ حڪومت يا انجو ڪو وزير ذميوار آهي ته اوترا ڏوهاري ٻٻرلوءِ ڌرڻي جا قائدين ۽ قومپرست قيادت به آهي جيڪي پنهنجي ڪارڪنن جو تحفظ ڪري نه سگهيا. ان مان ثابت آهي ته قيادت ڪارڪنن کي صرف استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿي پر انجو تحفظ ڪرڻ نٿي ڄاڻي.عام راءِ اها آهي ته جيڪڏهن ٻٻر لوءِ ڌرڻي جي قيادت ڌرڻو ختم ڪرڻ کان اڳ گهرو وزير ضياءِ لنجار سان ملاقات نه ڪري ها ۽ ڌرڻي کي جاري رکڻ جو اعلان ڪري ها ته شايد ئي مورو سانحو سامهون اچي ها جنهن ۾ هڪ ئي ڳوٺ جا ٻه نوجوان شهيد ٿيا آهن ايئن سمجهو ته ڳوٺ جو وجود ختم ٿيو آهي جو هڪ طرف نوجوان شهيد ٿيا آهن ۽ ٻئي طرف اڪثر نوجوان لاپته ٿيا آهن يا زخمي حالت ۾ آهن. اهي به اطلاع آهن ته سنڌ سرڪار مورو سانحي جي جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ قائم ڪئي آهي جنهن ۾ ايس ايس پي امجد شيخ، ايس ايس پي شبير سيٺار به ڪميٽي ۾ شامل آهن پر سنڌ جي وڪيلن ۽ قومپرست قيادت اهڙي ڪنهن به ڪاميٽي کي رد ڪندي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي جيڪو ٻڌو ويندو يا ڪاميٽي تي ڇڏيو ويندو يا قيادت جي ڪمزوري ۽ خوف سبب موري جي شهيدن جون درياهه سنڌ جي حفاظت لاءِ ڏنل قربانيون رائيگان وڃي سگهن ٿيون ڀلي کڻي شهيدن جي وارثي نه ڪريو پر اهي امر ٿي چڪا آهن ۽ تاريخ جو حصو بڻجي چڪا آهن. رهيو سوال ڪميشنن ۽ ڪاميٽين هٿان جاچ جو ته هن وقت تائين ملڪ اندر جيڪي به سياسي قتل ٿيا آهن انهن جي ذميوارن جو ڪو به پتو پئجي ناهي سگهيو نه وري ذميوارن کي سزائون مليون آهن لڳي ٿو هن شهيدن کي به شايد ئي انصاف ملي.
رهيو سوال شهيد جي ٻن قبرن جي کوٽائي لاوارث طور تدفين جو ته سيشن جج نوشهروفيروز جناب قاضي بدارالدين جنهن اڳ ۾ ئي نوٽيس ورتو آهي انصاف کان ڪم وٺي انصاف تي ٻڌل فيصلو ڏئي ۽ پاڻمرادو نوٽيس وٺي مورو واقعي جي ايف آءِ آر ڪٽڻ جا به احڪامات جاري ڪري ۽ وڪيل قيادت کي به اڳتي وڌڻ گهرجي جڏهن پ پ پ قيادت ۽ وزيرن کي هن سانحي جو احساس ڪرڻ گهرجي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان سنڌ ۾ ڪنهن تشدد واري باهه ڀڙڪي پوي. هي ڌرتي هن ڌرتي جا ماڻهو زمينون درياهه معدني وسيلا سنڌ جا ۽ اسان سڀني جا آهن جن جي حفاظت اسان سڀني جو قومي فرض آهي ۽ اهڙي فرض ادا ڪرڻ لاءِ تشدد واري سياست ۽ ٻن ٻن قبرن جي کوٽائي وارا سلسلا بند ٿيڻ گهرجن. پ پ پ به اسانجي آهي ته فنڪشنل، نيشنل پ پ، قومپرست ۽ وڪيل قيادت به اسانجا آهن جن کي تحفظ ملڻ گهرجي ۽ اهو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن بيگناهن جو رت وهڻ بند ٿئي ۽ انتقامي سياست ختم ٿئي. بهرحال شهيد عرفان لغاري جي تدفين کان اڳ پنجتني امام بارگاهه ۾ قائم علم پاڪ غازي عباس جي چوڌاري ست چڪر ڏياريا ويا سندس چهرو سنس امڙ ۽ نياڻي سميت هزارين ماڻهن کي ڏيکاريو ويو.