وسيلن سان مالا مال ڪاڇو، سهولتن کان محروم

سنڌ جو خوبصورت ۽ تاريخي خطو ڪاڇو، قدرتي وسيلن، معدني دولت، ثقافتي ورثي، ۽ قدرتي خوبصورتيءَ سان مالا مال آهي ، پر افسوس جو، اڄ به هي خطو بنيادي انساني سهولتن لاءِ ترسي رهيو آهي ، جتي شام ٿيندي ئي ماحول تي خاموشي ڇانئجي وڃي ٿي، اتي رهندڙ ماڻهن جون دليون صاف پاڻي، تعليم، صحت، بجلي ۽ رستن جهڙين سهولتن جي کوٽ سبب هر وقت بي چين رهن ٿيون ، جتي پيڻ جي پاڻي جي سهولت موجود ناھي ، مبجورن عورتون مرد ميلن پري کان گڏھ، گابي، يا موٽرسائيڪل ذريعي پاڻي ڀري اچن ٿا . جديد دور ۾ به اتي صاف پاڻيءَ جي سهولت جو نه هجڻ انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي، جيڪڏهن ڪٿي فلٽر پلانٽ آھن به ته ناڪارا بڻيل آھن ،يا چند ماڻهن جي قبضي ھيٺ آھن، جيڪڏھن تعليم جي حالت تي نظر وجھجي ته اڌ ڪاڇو علم جي ٽين اک کان مرحوم آھي. تعليم جي صورتحال به انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ، سرڪاري اسڪولن جي عمارتن جي حالت خراب، استاد غير حاضر، ڪيترا ئي اسڪول بند پيل آھن، ڪٿي اسڪولن جي حالت ايتري خراب آھي جو معصوم ٻار کلي آسمان گرمي ۾ ويھي پڙھن تي مجبور آھن ت ڪٿي 200 ٻارن لاءِ صرف ھڪ ڪلاس روم آھي ۽ جديد تعليمي اوزارن جي کوٽ سبب هتان جا ٻار معياري تعليم کان محروم آهن ، والدين مجبور آهن ته اهي پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ بدران محنت مزدوري تي موڪلين ٿا انهيءَ سبب علم کان محرومي جو دائرو وڌي رهيو آهي ، ھڪ پاسي سنڌ حڪومت دعويٰ ٿي ڪري ته” پڙھندي سنڌ وڌندي سنڌ“ ته ٻئي پاسي ڪاڇي کي  تعليم کان ئي مرحوم رکيو پيو وڃي ، ٻئي پاسي صحت جي سهولتن جو به انتهائي برو حال آهي ، اسپتالن ۾ دوائون جي شديد کوٽ سان گڏ ڊاڪٽرن جي به سخت کوٽ  آھي ، ڪٿي ته اسپتال ئي ناھي ، ڊسپينسريون قائم ڪيون ويون آھن، جيڪي به سيکڙاٽ ڊسپينسرن جي رحم ڪرم تي ڇڏيون ويون آھن، جيڪو ڪاڇي واسين جي زندگي سان وڏو مذاق آھي ،جنھن سبب مجبورن ايمرجنسي جي صورت ۾ مريضن کي ڏوران  شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻو پوي ٿو، جنهن دوران قيمتي زندگيون ضايع ٿيڻ جو خدشو رھي ٿو ، ڪاڇي جي روڊ رستن جي ڪجهه ساڳي صورت حال آھي ، ڪاڇي جا روڊ رستا مڪمل طور تي تباهه حالي جو شڪار آهن ، هنن خراب رستن سبب نه صرف ماڻهن کي سفر ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي، پر مقامي ڪاروبار ۽ معاشي سرگرميون به سخت متاثر ٿيڻ سان گڏ واھي پانڌي روڊ ۽ حاجي خان روڊ تي ڪيترين ئي قيمتي جانين جو ضايع ٿيڻ به انهن تباه حال رستن جو نتيجو آهي ،ڪاڇو هڪ حساس سرحدي علائقو آهي ، جتي بنيادي ڍانچو هجڻ تمام ضروري آهي ، پر افسوس جو هتي ترقياتي منصوبا صرف ڪاغذن تائين محدود آهن. حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جو لاپرواهي وارو رويو ڪاڇي کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي، وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ، اداري جي نااهلي، ۽ مقامي ماڻهن جي مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ سبب هي خطو معاشي بدحالي، بيروزگاري ۽ غربت جو مرڪز بڻجندو پيو وڃي. ۔

خليل احمد لغاري

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.