چڪرا ڳوٺ سانحو،عدالت ڪيس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ واري خاص عدالت ۾ چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملي دوران 3 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪرڻ ۽ زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ايم ڪيو ايم لنڊن جو دهشتگردي رئيس مما ، عمير ، عمران لمبا ، گل محمد سميت 13 ٻيا جوابدار دهشتگردي جي خاتمي واري خاص  عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت 13 سال پراڻي ڪيس جو  فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي وڪيل موقف ڏيندي چيو ته عدالت ۾ جج جي غير موجودگيءَ سبب ڪيس جو فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو،وڪيل صفائي چيو ته جيڪڏهن جج موجود هجن ته ڪيس جو فيصلو 10 جون تي ٿي سگهي ٿو،جوابدارن جي وڪيل عابد زمان چيو ته جوابدار خلاف ڪو به پڪو ثبوت ناهي،پراسيڪيوشن موجب جوابدار رئيس مما 2011 ۾ ڪورنگي ۾ پنهنجي دهشتگردي ۽ اجارداري برقرار رکڻ لاءِ چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملو ڪيو، فائرنگ ۾ ٽي پوليس اهلڪار شهيد ۽ پوليس اهلڪارن سميت 27 ماڻهو زخمي ٿيا هئا، پراسيڪيوشن موجب جوابدار خلاف زمان ٽائون پوليس اسٽيشن ۾ 2011 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.