ڪراچي (رپورٽر) آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوالاجي ۾ دل جي بيماري ۾ مبتلا ۽ ڀارت مان بنا علاج واپس آيل ڀيڻ ڀاءُ جي سرجري ڪئي وئي آهي، ٻارن جي والد شاهد علي مطابق، آرمڊ فورسز انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوالاجي ۾ 9 سالن جي عبدالله جي سرجري ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 7 سالن جي منسا جي اينجيوپلاسٽي ڪئي وئي آهي، منسا جي سرجري ڇهن مهينن کان پوءِ ڪئي ويندي، ڄمندي ئي دل جي بيماري ۾ مبتلا 9 سالن جي عبدالله ۽ 7 سالن جي منسا کي ڀارت مان علاج بنا واپس وطن اماڻيو ويو هو.