ڪشمور(رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي) ڪشمور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي ھڪ ڏينھن اندر مختلف علائقن مان ٽن ھنڌن تان ڦورن ڏينهن ڏٺي جو ڦر دوران ھڪ ڄڻو گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ھڪ ڄڻو زخمي ٿيو ڪشمور جي اڏيو واھ واسي يار محمد مزاري جيڪو بوتلن جي ھول سيل لاءِ چاچڙ پل وٽان مزدا گاڏي تي وڃي رهيو هو ته رستا روڪ ڪري ھٿياربندن ڦر ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ٻئي پاسي عظيم ڦاٽڪ لڳ انڊس هاءِ وي روڊ تي ھٿياربندن سرعام ٽريفڪ روڪي ڪوريئر گاڏي ڊرائيور ذوالفقار چاچڙ کي زخمي ڪري ڦرلٽ ڪئي موبائيل فون روڪ رقم ڦر ڪري ويا ڪشمور جي گڊز اڏي مالڪ جاويد کوسو کان صبح جو نئون بجي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ڪاھ ڪري ون ٽو فاء موٽرسائيڪل ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا ڪشمور ٿاڻي جي پوليس ڪٿي به ڦورن سان مھاڏو اٽڪائيندي شھرين کي ڦرجڻ کان بچائيندي نظر نه آئي ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني تي شھر واسي سخت ڳڻتي ۾ وٺجي ويا ايس ايس پي ڪشمور کان امن امان جي صورتحال بھتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ٻئي پاسي ڦورن ھٿان ڦر دوران مارجي ويل يار محمد مزاري جو لاش ايمبولينس نه ملڻ ڪري موٽرسائيڪل ذريعي ڪشمور سول اسپتال آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول جو مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.