پنجگور ۾ سيڪيورٽي ادارن ڇهن مهينن تائين انٽرنيٽ بابت ڪليئرنس ناهي ڏني

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو وزارت جي اهلڪارن بلوچستان جي ضلعي پنجگور ۾ انٽرنيٽ جي بندش جي معاملي تي چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن ايندڙ 6 مهينن تائين ڪليئرنس ناهي ڏني، بي  ايل اي جا دهشتگرد جيڪي استعمال ڪري رهيا آهن، اهي ڪجهه ٻيو آهن، دهشتگرد اسانجو انٽرنيٽ استعمال نٿا ڪن. وفاقي وزير انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن امين الحق جي صدارت هيٺ  قومي اسيمبلي جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وزارت جي اهلڪارن پنجگور ۾ انٽرنيٽ سروس جي بندش تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته 22 مارچ تي اسان خط لکيو ته اسان کي سيڪيورٽي ڪليئرنس ڏني وڃي، پر سيڪيورٽي ادارن ايندڙ 6 مهينن تائين ڪليئرنس ناهي ڏني. گهرو وزارت جي اهلڪارن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ وضاحت ناهي ڪئي وئي، صرف اهو ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي سببن جي ڪري انٽرنيٽ ڊيٽا بند رهندو. ڪميٽي ميمبر پولين بلوچ چيو ته منهنجي ضلعي پنجگور ۾ انٽرنيٽ جي بندش جو مسئلو ڪيترن سالن کان آهي، ٽي سال کان معاملا ٺيڪ نٿا ٿين، ته ايندڙ 6 مهينن ۾ ڇا ٺيڪ ٿيندو. هن چيو ته اسان کي لڳي ٿو ته پنجگور ۾ مستقل بنيادن تي انٽرنيٽ بند رهندو، مان حلف سان چوان ٿو ته منهنجي علائقي کي سزا ڏني پئي وڃي. ڪميٽي ميمبر عمير نياز چيو ته بلوچستان جي سيڪيورٽي صورتحال لڪل ناهي، پر اسان کي سسٽم ٺيڪ ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر عادل خان بازئي چيو ته انٽرنيٽ بند ٿيڻ سان ڇا حالتون ٺيڪ ٿيون؟ حالتون وڌيڪ خراب ٿيون آهن. بي ايل اي جا دهشتگرد جيڪي استعمال ڪري رهيا آهن، اهي ڪجهه ٻيو آهن، دهشتگرد اسانجو انٽرنيٽ استعمال نٿا ڪن، هي انٽرنيٽ عام ماڻهو استعمال ڪري ٿو. سيڪريٽري آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام ٻڌايو ته دهشتگرد ڇا استعمال ڪري رهيا آهن. ان جواب ۾ سيڪريٽري آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام چيو ته دهشتگرد جديد وائرليس ڪميونيڪيشن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن ۽ انٽرنيٽ به استعمال ڪن ٿا. اسان کي سيڪيورٽي ادارن کان اطلاع ملن ٿا، پر مون کي وڌيڪ ڄاڻ ناهي ته دهشتگرد ڇا استعمال ڪن ٿا. ان تي چيئرمين ڪميٽي چيو ته اسان لاءِ قومي سلامتي ۽ سيڪيورٽي وڌيڪ اهم آهي، انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ان ڪيمرا اجلاس ٿيندو جنهن ۾ سڀ ڪجهه بحث ڪيو ويندو. اسٽينڊنگ ڪميٽي کي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ جي قائم مقام سي اي او فيصل بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اين آءِ ٽي بي سرڪاري ملازمن جي محفوظ ڪميونيڪيشن لاءِ ايپ ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ وائس ۽ وڊيو ڪانفرنسنگ جي سهولت هوندي، بيپ ايپليڪيشن لاءِ اعليٰ سطح جي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. هن چيو ته سنڌ ۽ گلگت بلتستان جي حڪومت کي اي آفس بابت بريفنگ ڏني وئي آهي، بيپ ايپ صرف وفاقي ادارن ۾ شروع ڪئي ويندي، بعد ۾ صوبن ۾ پڻ لاڳو ڪئي ويندي.  اسٽينڊنگ ڪميٽي پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ دوران سائبر سيڪيورٽي ٽيم جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي، چيئرمين چيو ته 5 کان 10 مئي دوران پاڪستان تي سائبر حملا ڪيا ويا، پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي ٽيم انهن حملي ناڪام ڪيا، پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي ٽيم قومي سرت جي لائق آهي، پاڪستان پنهنجي سائبر وسيلن کي محفوظ رکيو ۽ دشمن تي سائبر حملا ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.