سنڌ ڌرتي جيڪا ماءُ وانگر پنهنجي اولادن کي سينو ڏئي پاليندي آهي، اڄ ساڳي سنڌ ڌرتي پنهنجن ئي پٽن جي رت سان رڱجي ويئي آهي. مورو، جيڪو رڳو جاگرافيائي نقشو نه، پر انقلابي ساهن جي ڌڪ ڌڪ آهي، اڄ ماتم جو مرڪز بڻجي ويو آهي. جتي ڌرتي جي ڏيهه جو آواز اڀريو، اتي رياست پنهنجون بندوقون کڻي سامهون اچي وئي ۽ اهڙي ريت، هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي درد ڀريل آواز تي گوليون وسايون ويون، لاش وڇايا ويا، ۽ آهه جي اُڀ تي خاموشيءَ جي ڪاري رات ويڙهي وئي. مورو جا ماڻهو ڪنهن رياست کي ڊاهڻ نه آيا هئا. سندن هٿن ۾ نه بندوق هئي، نه بارود، نه نفرت، نه ڌمڪيون. سندن هٿن ۾ فقط بي وسي هئي، دلين ۾ صرف سوال هئا، ۽ ساهن ۾ صرف هڪ فرياد هئي: "اسان جي ڌرتيءَ کي لُٽڻ بند ڪيو. اسان جي وسيلن تي اسان جو حق آهي. اسان کي انساني وقار ڏيو.” پر انهن سادن لفظن کي رياست دهشتگردي سمجهيو، ۽ فرياد ٻڌڻ جي بدران گولين سان جواب ڏنو. انهيءَ خاموش رات ۾ گولين جو شور گونجي رھيو ھو، جڏهن رت وهي رهيو هو، تڏهن اقتدار جون ڪرسيون سڪون سان خاموش تماشائي بڻايل هيون. پر جيئن ئي گھرو وزير ضياءُ لنجار جي گهر کي باهه لڳي، ته رياست کي ڄڻ ته ساهه اچي ويو. فوري نوٽيس جاري ٿيو، بيان آيا، افسوس جو اظهار ٿيو. پريس رليز جاري ٿيون، وزير پريشان، ميڊيا سرگرم ۽ آفيسن ۾ هلچل. پر سوال اُهو ئي رهي ٿو: ڇا رت جو ڪو نوٽيس نه ٿيندو؟ ڇا ڪنهن ماءُ جي ڪُٺل ڪونڌر پٽ جي قربانيءَ لاءِ ڪو افسوس جو اظهار ٿيندو؟ ڇا ان ڀيڻ سان انصاف ٿيندو جيڪا پنهنجي ڪونڌر ڀاءُ جي لاش تي ماتم ڪري رهي آهي؟ اهو نوٽيس، جنهن ۾ رڳو ساڙيل گهر جي ڳالهه آهي، دراصل اُن اخلاقي زوال جو آئنو آهي، جتي انسانيت جو قدر ناھي رهيو، رياست ان نوٽيس ذريعي ظاهر ڪيو ته، هن لاءِ عمارتن جو قدر آهي، پر انسانن جو نه! هن لاءِ سازش جي بوءِ ته آهي، پر شهيدن جي رت جي خوشبو ناهي. اها منافقت فقط سياسي بي حسي نه، بلڪه قومي ضمير جي جنازي جي جهونگار آهي.
اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي ته سنڌ جي ماڻهن پيپلزپارٽيءَ کي پنهنجو وارث سمجهي، بار بار اقتدار ڏنو. پر اڄ جڏهن مورو جي سڙيل جسمن مان ڌرتي جي محبت جا نغما نڪري رهيا هئا، تڏهن اها پارٽي خاموش تماشائي بڻجي رهي، جن ماڻهن کي سنڌ پنهنجو اختيار ڏﻧﻮ، اهي ئي ماڻهو جڏهن سنڌي نوجوانن جي قتل تي هڪ لفظ به نه ڳالهائين، ته پوءِ اُن خاموشيءَ کي فقط سياسي حڪمت عملي نه، پر اخلاقي پڄاڻي چئجي ٿو. پيپلزپارٽيءَ جي ايم اين ايز، ايم پي ايز، وزيرن ۽ وڏيرن لاءِ مورو جو احتجاج صرف “وڏيرا پريشان” ٿيڻ تائين محدود رهيو. لاشن تي تعزيت جو بيان به نه آيو، زخمين جي عيادت نه ٿي، ۽ احتجاج ڪندڙن جي صدائن تي کي واويلا سمجهيو ويو، هيءَ پارٽي، جيڪا ڪڏهن جمھوريت جي نالي تي اُڀري هئي، اڄ اقتدار جي نالي تي اهڙي نموني بي حس ٿي وئي آهي، اڄ جو سنڌي نوجوان رڳو دانهون نه ٿو ڪري، هو سوال ٿو ڪري. ۽ اهو سوال رڳو رياست کان نه، پر اُن هر سياسي جماعت کان به آهي، جيڪا سنڌ جي نالي تي ووٽ وٺي پوءِ اُن ئي ڌرتيءَ جي پٽن جي سڏڪن کان منهن موڙيندي آهي. مورو جا نوجوان، جيڪي زخمن سان گڏ شعور کڻي بيٺا هئا، انهن جو رت نه رڳو زمين تي، پر تاريخ جي ورقن تي لکجي چڪو آهي. اهو رت فقط ردعمل نه، پر اڳڪٿيءَ جي شڪل ۾ ڦهلجي رهيو آهي ـ ته ايندڙ وقت ظلم جي ساٿارين لاءِ وڌيڪ ڀيانڪ ٿيندو.
مورو ۾ ٿيل رياستي، اقتداري حملو رڳو هڪ واقعو نه پر تاريخ جو باب بڻجي چڪو آهي. اهو باب جيڪو هر پڙهندڙ کان سوال ڪندو: "تون ڪٿي هئين جڏهن منهنجي سيني تي گولين جي برسات هئي؟ تون ڪهڙي پارٽيءَ جي پسگردائيءَ ۾ لڪو پيو هئين؟ تون ڪهڙي ميڊيا جي مصلحت ۾ خاموش هئين؟” ۽ انهن سوالن جو جواب رڳو بيانن سان نه، پر قربانيءَ ۽ انصاف لاءِ اٿاريل آواز سان ئي ٿي ملي سگھي ٿو. اڄ جڏهن سنڌ جو نوجوان خون ۾ لت پت آهي، تڏهن اقتداري ايوان، رياستي ادارا، ۽ ساڻن نڀاءُ ڪندڙ سياسي پارٽيون، جيڪڏهن بي حسيءَ سان خاموش آهن، ته پوءِ اهو سمجهڻ گهرجي ته تاريخ جي عدالت سندن پويان بيٺي آهي. اڄ جو هر بي آواز شهيد، سڀاڻي جو آواز بڻجي اُڀرندو. ۽ جنهن رت کي بي معنيٰ سمجهي ڇڏيو ويو، اهو ئي رت ايندڙ دور جي سياسي باريش بڻجندو. سنڌ وساري نه سگهندي. مورو جي هر گولي، هر سڏڪو، ۽ هر شهيد، اڄ هڪ دفعي ٻيهر سنڌي شعور کي بيدار ڪري ڇڏيو آهي.