پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي بيان ۽ پاڪ فوج جي تعلقاتِ عامه جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيترن ئي اهم پاسن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ٻنهي جي ڳالهين مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان خطي ۾ امن چاهي ٿو، جڏهن ته ڀارت غير ضروري ضد ۽ تڪبر جو مظاهرو ڪري رهيو آهي.ان موقعي تي آمريڪي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو وري اها دعويٰ ورجائي آهي ته هن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ٽياڪڙي ۽ واپار جي بحالي جي آڇ ڪئي هئي. هن جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن کي عوام جي فلاح ۽ خطي جي خوشحالي کي اوليت ڏيڻ گهرجي. جنگ يا تڪرار بدران، خوشگوار لاڳاپا قائم ڪري علائقائي واپار کي هٿي ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
جيڪڏهن شهباز شريف جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۽ آءِ ايس پي آر جي ڊي جي جي انٽرويو کي خضدار ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي ته صورتحال وڌيڪ واضح ٿئي ٿي. خضدار ۾ اسڪول بس تي خودڪش وارو وحشياڻو حملو ان وقت ٿيو آهي جڏهن دهشتگردي جي الزام تي پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي. پاڪستاني اختيارين هاڻي بلڪل واضح لفظن ۾ بلوچستان اندر ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ ڀارتي ايجنسين جي مداخلت جا ثبوت پيش ڪري رهيا آهن.جيڪڏهن ڀارت واقعي خطي ۾ امن چاهي ٿو ۽ دهشتگرديءَ کان پري آهي، ته پوءِ کيس پاڪستان اندر ٿيندڙ معصومن جي قتل عام جو به ايترو ئي احساس هئڻ گهرجي، جيترو پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي ڪنهن واقعي بعد ٿيندو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فليڊ مارشل عاصم منير خضدار جي حملي کان پوءِ ڪوئٽا جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عيادت ڪئي. ٻنهي پنهنجي بيان ۾ واضح طور تي چيو ته "دهشتگردي کي پرڏيهي پاليسي جو هٿيار بڻائڻ” جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جون سيڪيورٽي فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا خضدار جي وحشيانه حملي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جو پٺاڻ ڪندا، جيستائين اهي قانون جي گرفت ۾ نه اچي وڃن. هن واضح ڪيو ته انهيءَ ڏوهه جي منصوبابندي ڪندڙن، ان جي حوصلا افزائي ڪندڙن ۽ ان کي انجام ڏيندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڀارت دهشتگردي جو اصل ذميوار آهي، پر پاڻ کي مظلوم ڏيکاري دنيا کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پاڪستان هاڻ ڀارت جي اصليت عالمي سطح تي بي نقاب ڪندو.
ڏٺو ويو آهي ته پاڪستاني اڳواڻ هاڻ ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن بابت ڀارت جي مداخلت جي ڳالهه وڌيڪ شدت سان ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ به سرڪاري سطح تي چيو ويو آهي ته پاڪستان وٽ اهڙا بي مثال ثبوت موجود آهن، جيڪي ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن ۾ ڀارتي ايجنسين جي مداخلت کي ظاهر ڪن ٿا.ڀارت جي تازين ڪاررواين ۽ ان جو پاڪستان طرفان ڏنل جواب کان پوءِ، هاڻ پاڪستاني اختيارين وڌيڪ اعتماد ۽ ثابت قدمي سان دهشتگرديءَ ۾ ڀارت جي ڪردار بابت دنيا کي آگاهه ڪري رهيا آهن.اهو پڻ هڪ دلچسپ پاسو آهي ته جڏهن ڀارت ۾ پهلگام حملي ٿيو، تڏهن پاڪستان نه صرف ان سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو، پر ان جي سخت لفظن ۾ مذمت به ڪئي ۽ جاچ ۾ ڀرپور تعاون جي پيشڪش پڻ ڪئي. ان جي ابتڙ ڀارت ڪڏهن به پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ بابت ڪو سنجيده اظهار نٿو ڪري.
ان جي بجاءِ، ڀارت طاقت جي غرور ۾ پاڪستان تي حملو ڪري ڇڏيو. هاڻ نريندر مودي ۽ سندس حڪومت ان سوال جو جواب ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي ته جيڪڏهن ڀارت واقعي ڪامياب هو، ته پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي جنگ بندي لاءِ وچ ۾ اچڻ جي ضرورت ڇو پئي؟
هتي سوال اهو به اٿاري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ڀارت جو اهو دعويٰ صحيح آهي ته ٽرمپ جو ڪو ڪردار ئي نه هو ۽ جنگ بندي جي درخواست پاڪستان طرفان آئي هئي، ته پوءِ ڀارت ان دشمن سان اوچتو جنگ روڪڻ تي ڇو راضي ٿيو، جنهن کي هو تباهه ڪرڻ جا دعويدار هئا ۽ پنهنجي عوام کي ان سلسلي ۾ خوشفهميءَ ۾ رکيو پئي ويو؟پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف بي بي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڀارت سان جاري ڇڪتاڻ بابت واضح ۽ چٽو موقف اختيار ڪيو. هن چيو ته ڀارت بغير ڪنهن ثبوت جي پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳايو ۽ حملو ڪيو، جنهن جو کيس منهن موڪڻو پيو. ڀارت پاڻ کي آمريڪا يا روس جيان وڏي طاقت سمجهي ٿو ۽ سمجهي ٿو ته هو ڪنهن به ملڪ تي حملو ڪري سگهي ٿو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي.
هن خبردار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وٽ جوهري هٿيار موجود آهن، ان ڪري جنگ ناقابلِ تصور هئڻ گهرجي. پر ڀارت مسلسل اهڙي حالتون پيدا ڪندو رهيو آهي جنهن ڪري تڪرار ۽ ٽڪراءُ اڻٽر رهندو پيو اچي. هن وڌيڪ چيو ته ”داخلي سياسي ضرورتن لاءِ جنگي ماحول ٺاهڻ خطرناڪ ۽ غير اخلاقي آهي. پاڪستان امن چاهي ٿو، پر جيڪڏهن ڀارت جنگ ٿو چاهي ته پوءِ جنگ به سهي؛ اسان وطن جي دفاع کان پوئتي نه هٽنداسين.“
وزيراعظم شهباز شريف: ”ٻنهي ملڪن جي فوجن لاءِ امن واري پوزيشن تي واپسي تي اتفاق ٿي ويو“
هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جو عوام غربت، بيروزگاري ۽ ٻين ڪيترن ئي مسئلن سان جهيڙي رهيا آهن. جيڪڏهن هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ دهشتگردي اصل مسئلو آهي ته ان جو حل صرف ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي، جنگ سان نه.ڀارت ۾ هاڻ پشيماني ۽ شرمندگي جي فضا آهي، ۽ حقيقتن کي منهن ڏيڻ کان ڪيئي اڳواڻ پاسو ڪري رهيا آهن. ڪجهه تجزئي نگارن جو خدشو آهي ته نريندر مودي حڪومت، جنگ ۾ ناڪاميءَ کي لڪائڻ لاءِ ٻيهر پاڪستان تي حملو ڪري سگهي ٿي. پر نئين دهليءَ کي سمجهڻ گهرجي ته اهڙي ڪا به ڪارروائي صرف پاڪستان لاءِ نه، پر ڀارت جي معاشي، سفارتي ۽ عسڪري حيثيت لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.
7 مئي کان اڳ تائين ڀارت اهو سمجهي رهيو هو ته 75 ارب ڊالر جي دفاعي بجيٽ سان هو پاڪستان کي فوجي ميدان ۾ مات ڏئي سگھي ٿو. پر صرف چار ڏينهن جي تڪرار کان پوءِ پاڪستان هاڻ وڌيڪ اعتماد سان چئي سگهي ٿو ته: ”هي هٿ بازو آزمائيا ويا آهن“.جيڪڏهن مستقبل ۾ ٻيهر تڪرار پيدا ٿئي ٿو، ته پاڪستاني فوج وڌيڪ حوصلي ۽ اعتماد سان ميدان تي لهندي، جڏهن ته ڀارتي فوج ۽ فضائيه ۾ پاڪستان جي جوابي صلاحيت بابت بي يقيني ۽ پريشاني برقرار رهندي. اهڙي فضا ۾ ڪا به فوج ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪري سگهي.تازو ٿيل جنگي حملي کان پوءِ به ٻنهي ملڪن جنگ بندي تي راضپو ظاهر ڪيو، جيڪو ان ڳالهه جي شاهدي آهي ته جنگ مسئلن جو حل نه آهي، پر انهن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي. اصل حل ڳالهين جي ميز تي اچي ٿو.هينئر به نريندر مودي حڪومت ڳالهين کان پري ڀڄي رهي آهي، ڇو ته ان کي ان ۾ سياسي ناڪامي جو خدشو آهي. پر برصغير ۾ امن، ترقي، ۽ عوام جي فلاح لاءِ امن کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.
اهو ضرور چوڻ گهرجي ته هاڻ امن يا جنگ جو فيصلو نئين دهلي جي حڪمرانن جي هٿ ۾ آهي. جيڪڏهن هو ٻيهر جنگ چاهين ٿا، ته اها جنگ مودي لاءِ نون سوالن ۽ خطرناڪ نتيجن جو دروازو کولي سگھي ٿي.