اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ڀارتي فوج ۽ ميڊيا جي انهن دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته آپريشن "بنيان مرصوص” دوران اسلام آباد طرفان شاهين ميزائل استعمال ڪيو ويو هو، اهي دعويٰ ڀارتي فوج جي آفيشل ٽوئٽر هينڊل تان جاري ڪيل هڪ وڊيو کان پوءِ سامهون آيا هئا، جنهن ۾ مبينه طور پاڪستان جي شاهين ميزائل جي استعمال کي ڏيکاريو ويو هو، جڏهن حقيقت سامهون آئي ته ڀارتي فوج فوري طور تي اها گمراهه ڪندڙ وڊيو حذف ڪري ڇڏي، تنهن هوندي به هن وقت تائين ڀارتي ميڊيا جي ڪجهه چينلن تصديق کانسواءِ ’ڪوڙي خبر‘ هلائي، جيڪا افسوسناڪ ڳالهه آهي، ڪجهه ڀارتي ادارا اڃا تائين هن غلط ڄاڻ کي ڦهلاڻ ۾ مصروف آهن، پرڏيهي ترجمان موجب اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته ڀارتي فوج جي آفيشل هينڊل هن معاملي تي خاموشي اختيار ڪئي آهي، ۽ نه ته هن غلط پوسٽ بابت ڪا وضاحت ڏني وئي آهي ۽ نه ئي ان کي واپس ورتو ويو آهي، هن چيو ته تجزئي نگارن موجب اهڙي قسم جي غلط ڄاڻ تي ٻڌل مهم "آپريشن سندور” ۾ ڀارت کي ٿيل شڪست تي پردو وجهڻ جي هڪ سوچي سمجهي ڪوشش جو حصو آهي، جيڪا پاڪستان طرفان ڏيکاريل روايتي فوجي صلاحيتن جو نتيجو هئي.