حيدرآباد (رپورٽرس/ پ ر) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل، ڪامريڊ امداد قاضي چيو آھي تھ تاج جويو، ترقي پسند، قوم دوست اديب ۽ دانشور آهي، جنهن جي گهر تي حملو ڪري سندس گهر جي فردن تي تشدد ڪرڻ هڪ غيرقانوني، بي رحم، فاشسٽ رياستي دهشت گردي جو عمل آهي، ھن مطالبو ڪيو تھ تاج جويي جي گهر ۾ داخل ٿيندڙ آفيسرن ۽ انهن کي حڪم ڏيندڙن کي معطل ڪيو وڃي ۽ گرفتار نوجوان آزاد ڪيا وڃن، جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھ ته نامور اديب تاج جويي جي گھر تي پوليس چڙھائي ۽ سندس ٻن پٽن کي کڻڻ جو عمل قابل مذمت آھي، ھي پيپلزپارٽي جو چھرو آھي جنھن درياهه کپايو، زمينون کپايون آھن ۽ قدرتي وسيلا وڪڻن پيا، پيپلزپارٽي سنڌ تي لاقانونيت مڙھي سياسي ڪارڪنن خلاف ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آھي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رھبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي ته تاج جويي جي گهر تي چڙهائي قانون جي غلط استعمال جي برابر آهي، بنا جواز ۽ بنا وارنٽن جي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو آهي، سنڌ ۾ پرامن سياسي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاريو ويو آهي، ڪئنالن، ڊيمن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد کي روڪڻ لاءِ پرامن سياسي ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، ڪراچي جي ڪورنگي واري علائقي مان جيئي سنڌ محاذ جي صدام نوناري، صدام نوناري ۽ جسقم جي غمشاد مري، عامر لطيف چانگ ۽ ٻين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي، جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جسقپ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي، تاج جويو جي گھر تي رياستي دهشت گردي ۽ پوليس گردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گھرڪئي ته فوري طور اديب تاج جويو جي ٻنھي پٽن کي آزاد ڪيو وڃي.