ڪراچي (هه آئوٽ) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ چين جي شھر ووھو ۾ چيني آٽوموبائل ڪمپني چيري ودھولڊنگ گروپ جي ھيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو. آٽوموبائل ڪمپني چيري ھولڊنگز گروپ پھچڻ تي چيري ھولڊنگز گروپ جي چيئرمين ين يونگيو سندن شاندار آجيان ڪئي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ سان ملاقات دوران چيئرمين ين تونگيو اي وي سيڪٽر ۽ قابل تجديد توانائي ۾ اڳڀراين ۾ جٽادار ترقي لاءِ چيري ھولڊنگز جي وابستگي جو اظھار ڪيو. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي ڪاوشن سان چيري ھولڊنگز گروپ سڄي سنڌ ۾ اي وي گاڏين جي لاءِ چارجنگ پوانئٽس قائم ڪرڻ تي آمادگي ظاھر ڪري ڇڏي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ت سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ھر پنجاھ ڪلوميٽرن تي اي وي چارجنگ اسٽيشن قائم ڪيو ويندو، چارجنگ اسٽيشنز سان اي وي موٽر سائيڪلون، اي وي ڪارون ۽ اي وي ٽرڪون رکندڙن کي تمام گھڻو فائدو پھچندو. چيري ھولڊنگز گروپ خاطري ڪرائي آھي ته سڄي سنڌ ۾ اي وي چارجنگ اسٽيشن قائم ڪيا ويندا. اي وي مني ٽرڪس جو اسمبلنگ پلانٽ به ڪراچي ۾ قائم ڪيو پيو وڃي. توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جو چوڻ ھو ته چيني سيڙپڪارن پاران سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ شمسي توانائي جي رٿائن تي ڀرپور سھڪار جي خاطري ڪرائي وئي آھي، گھرن جي سولرائزيشن سان توانائي جي بحران ۾ گھٽتائي ايندي، ھي قدم ماحول دوست توانائي کي ھٿي ڏيڻ ۾ اھم سنگ ميل ثابت ٿيندو. ھاڻوڪي مرحلي ۾ غريب خاندانن کي سولر سسٽم فراھم ڪيا پيا وڃن ته جيئن اھي پنھنجي روزمرھ جي ضرورتن کي پاڻ پورو ڪري سگھن.