رپورٽن موجب سنڌ جي نامياري اديب، نقاد، دانشور، سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي ڪيترائي ڀيرا ٿيل سيڪريٽري ۽ سنڌي لنگويج اٿارٽي جو ڏهن سالن تائين بڻيل سيڪريٽري تاج جويي جي گهر تي ڪالهه صبح ساڍي چئين وڳي حيدرآباد پوليس چڙهائي ڪري چادر ۽ چوديواري کي پائمال ڪندي سندس ٻن پٽن کي کنڀي کڻي هلي وئي. ان پوليس تاج جويي کي به گرفتار ڪرڻ چاهيو پر سندس زال ۽ ننهن مزاحمت ڪندي کيس بچائي ورتو. ان ڇڪ ڇڪان ۾ تاج جويي جي جسم تان لهي ويل قميص پوليس کي هٿ آئي جيڪا به اها پاڻ سان کڻي وئي جنهن ۾ بقول تاج جويي جي ته سندس پيسن سان ڀريل ٻٽون هيو جنهن ۾ ويهه هزار پيل هيس.
تاج جويي ان وقت پوليس کي مخاطب ٿي چيو ته اسان جو ڪو ڏوهه آهي اوهان کي اسان جي گرفتاري جو ڪو سرڪاري وارنٽ آهي ته اهو ڏيکاريو ته اسان توهان سان گڏ هلون پر پوليس اهڙو ڪو وارنٽ ڏيکارڻ بنا دهشت گردن وانگر ڪارروائي ڪئي ۽ تاج جويي جي ٻن جوان پٽن کي زوريءَ گرفتار ڪري هلي وئي ۽ پوءِ منجهد جو مٿن دهشت گردي جو ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري ظاهر ڪئي وئي جنهن جي سنڌ اندر سڀني ادبي حلقن، سياسي، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن سخت مذمت ڪئي آهي ڪير به اهو نٿو چئي ته پوليس درست ڪم ڪيو آهي پر سڀ پوليس جي ڪارروائي تي تنقيد ئي ڪري رهيا آهن.
تاج جويي جي گهر تي اهڙي چڙهائي پهريون به ٿي چڪي آهي ۽ ان مٿان ڪيترائي ڀيرا پوليس تشدد پڻ ڪري چڪي آهي ۽ هر ڀيري پوليس جي اهڙي ڪارروائي کي رد ڪيو ويو آهي پر افسوس آهي ته پوءِ به پوليس اهڙين ڪاررواين کان مڙي نه ٿي. پوليس جي اهڙي ڪارراين سبب ئي اسان وٽ ان جو ڪردار هميشه منفي ۽ مذمتي رهيو آهي. تاج جويي پوليس کي اهو درست پئي چيو ته ڪارروائي ۽ چڙهائي جا به ڪي قانوني اصول هوندا آهن. توهان کي وارنٽ بنا ڪنهن کي گرفتار ڪرڻ جو ڪو حق ناهي. ٻيو ته سنڌ جي هڪ سينئر ۽ بزرگ اديب جي گهر تي ايئن چڙهائي ڪئي وئي ۽ ايتريون ته پوليس موبائيلون سندس گهر موڪليون ويون ڄڻ هو ڪو عالمي دهشت گرد هجي يا ڪو تمام وڏو ڌاڙيل هجي.
تاج جويي يا سندس پٽن کي ڏينهن ڏٺي جو به گرفتار ڪري سگهيو پئي. هي ڪي روپوش به نه هيا جو پوليس کي ڳجهي نموني اوچتو سندن گهر تي ڪڙو چاڙهي ڪارروائي ڪرڻ جي مجبوري هئي. جيڪڏهن تاج جويو ۽ سندس پٽ دهشت گرد به نه هيا، روپوش به نه هيا، سندن گرفتارين جا وارنٽ به نه هيا پوءِ ته پوليس کي دهشت گردن ۽ ڌاڙيلن وانگر ڪنهن جي شريف گهر ۾ ايئن صبح سويري ڪڙو چاڙهي چادر ۽ چوديواري کي پائمال ڪرڻ واري عمل کي بقول تاج جويي جي ”بدمعاشي“ ئي چئي ٿو سگهجي.هاڻي ته اهو به چئي سگهجي ٿو ته دهشت گرد تاج جويو ۽ سندس پٽ نه پر پاڻ اهي پوليس اهلڪار هيا جن کي ڪنهن گهر ۾ ستل عزت دار عورتن جو به خيال نه آيو.
اسان جو خيال آهي ته پوليس کي ايئن اڌ رات جو گهرن جي چادر ۽ چوديواري کي غير ضروري طور تي اورانگهڻ جو ڪو حق نه هئڻ گهرجي. پوليس کاتي ۽ حڪومت کي هاڻي ان قسم جي ڪاررواين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي پنهنجي اصلاح ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته تاج جويو اها ادبي، علمي ۽ عزت دار مڃيل شخصيت آهي جنهن کان خود حڪمران به چڱي ريت واقف آهن. کيس حڪومت جا سڀ وزير ۽ مشير سڃاڻين ٿا.جن مان سندس ڪي ذاتي دوست ۽ مداح به آهن. مثال ڇا سردار شاهه تاج جويي کي نٿو سڃاڻي؟ حڪومت ته کيس صدارتي ايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيو هو، اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪومت جي اهڙن ئي عوام دشمن، جمهوريت دشمن، پوليس گردي، ننڍن صوبن ۽ قومن خلاف ڪاررواين سبب ئي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.
پوليس ۽ حڪومت کي هاڻي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته اهي دهشت گرد آخر چون ڪنهن کي ٿا. ڇا سنڌ سان محبت ڪرڻ، سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ، اسٽيبلشمينٽ جي پاليسين جي مخالفت ڪرڻ، سنڌوءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ سنڌ جي ڏنل زمينن خلاف احتجاج ڪرڻ دهشت گردي آهي. جيڪڏهن اها دهشت گردي آهي ته پوءِ اسان سڀ سنڌي دهشت گرد ئي سمجهيا وينداسين؟ اسان سمجهون ٿا ته اسان جي حڪومتن کي هاڻي انگريز سرڪار جي حڪومتن جهڙي حڪومت ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. انگريز ته هن ملڪ جا رهواسي هيا ئي نه ٻاهران هيا تنهن ڪري انهن جو هن ڌرتي ۽ اتي رهندڙ عوام سان ذاتي قومي ۽ جذباتي تعلق نه هو تنهن ڪري سندن رويو عوام دشمن هيو پر اسان جا هي حڪمران ته هتان جا آهن، هن ڌرتي جو ئي کائن پيئن ٿا تنهن ڪري سندن رويو انگريز حڪومتن جهڙو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. انگريز حڪمران ته ڀلي تاج جويي کان واقف نه هجن، پر اسان جي حڪمرانن آڏو ته سندس شخصي تاريخ موجود آهي، اهي ته ساڻس اٿندا ويهندا رهيا آهن اهي کيس يا سندس پٽن کي دهشت گرد سمجهي ڪين ٿا ڪارروائي ڪري سگهن ٿا. تنهن ڪري اسان چئون ٿا ته انگريزن جي ننڍي کنڊ ۾ ڪيل حڪومت جيان اوهان حڪومت نٿا ڪري سگهو، اهڙي حڪومت ۽ ان دور جهڙيون پوليس چڙهايون خود اوهان جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهن ٿيون. تنهن ڪري هوش مان ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي.
اخلاقي طور تي ته حڪومت کي تاج جويي کان اهڙي پوليس گردي ۽ مٿس تشدد جي معافي وٺڻ گهرجي. سنڌ حڪومت، گهرو وزير، آءِ جي پوليس کي هن پوليس گرديءَ جو نوٽيس وٺڻو پوندو جنهن کي اسان پوليس جي نه پر دهشت گردن جي ڪارروائي سمجهون ٿا.