ڀارت سان ڇڪتاڻ بابت ڪميٽي ۾ مخالف ڌر کي شامل نه ڪرڻ تنقيد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) سينيٽ اجلاس ۾ مخالف ڌر ڀارت سان جنگ جي حوالي سان ٺهيل ڪميٽي ۾ مخالف ڌر کي شامل نه ڪرڻ تي اعتراض ڪندي حڪومت تي تنقيد ڪئي آهي. رپورٽ مطابق، سينيٽ جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين سينيٽ سيدال خان ناصر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز خطاب ڪندي چيو ته ڀارتي حملي کان پوءِ سڄي قوم پاڪستان جي حمايت ۾ گڏجي بيٺي آهي. هن چيو ته حڪومت هڪ ڪميٽي جوڙي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جو موقف عالمي سطح تي واضح ڪرڻ آهي، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته ان ڪميٽي ۾ نه رڳو پي ٽي آءِ پر ڪنهن به اپوزيشن جي ميمبر کي شامل نه ڪيو ويو آهي. شبلي فراز چيو ته حڪومت تنگ نظري جو مظاهرو ڪيو آهي، اپوزيشن کي ڪميٽي ۾ شامل نه ڪرڻ افسوسناڪ عمل آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت پنهنجي ڪميٽي ۾ ڪانگريس جي نمائندن کي شامل ڪيو، پر حڪومت جيڪا ڪميٽي ٺاهي آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ سينيٽ ۾ خطاب ڪندي چيو ته مان وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ته حڪومت جي وفد ۾ رڳو حڪومتي نمائندا شامل ٿيندا آهن، تاريخ ۾ اهڙا مثال موجود آهن. هن چيو ته مخالف ڌر جو سياسي حق آهي ته هو اختلاف راءِ جو اظهار ڪري، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ چيئرمين پاران پارلياماني وفدن بابت غور ويچار ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.