ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۽ زمينن جي نيلامي خلاف ڪوٽڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ٻٻر اسٽاپ کان ھزارين ماڻھن ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري بھار چوڪ تي جلسو ڪيو، ريلي ۾ مزدور تحريڪ جو جنرل سيڪريٽري امداد پنھور، قومي عوامي تحريڪ ڄامشورو جو ضلعي صدر اعجاز سومرو، لياقت گبول، شبير ساند، مقصود جھتيال، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، ذاڪر گرگيز، الطاف خاصخيلي، نذير بليدي، صدام ٻرڙو، مٺل گبول، شڪيل انصاري، راول سيال، ايڊووڪيٽ ارشاد چنا، ايڊووڪيٽ اختيار پنھور ۽ ٻيا اڳواڻ شامل ھئا، جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته گرين پاڪستان سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ پيپلزپارٽي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 20 ھزار، پنجاھ هزار ۽ لک لک ايڪڙ لکي ڏني آھي، انھن ضلعن اندر وري ٻيو ضلعو ٺهندو، جنهن کي خاردار تارن ذريعي بارڊر ٻڌي ڇڏيندا، ان ضلعي اندر ھڪڙي ٻئي سلطنت، بادشاھي ٺھندي، ڊي سي، ايس ايس پي ۽ ڊي ايس پي سڀ انھن جي چئي ۾ ھوندا ۽ اتان جي اصل رھاڪو سنڌين کي انھن تارن کان ٻاھر ڌڪي ڪڍي ڇڏيندا، رستن تي انھن جون گاڏيون ڌوڙ اڏائينديون رھنديون، اتي مشينري ۽ ماڻهو پنهنجا يعني غير مقامي آڻيندا، فصلن ۾ لاباري کان پوءِ اھي فصل کڄي ويندا مڊل ايسٽ ۽ گلف ۾، سنڌين جي زمينن کي لٽي ان مان ھو کرب پتي ٿيندا، تنھن ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن جو معاملو گڏيل سازش آھي، ڪئنال ٺاھي سنڌو درياھ جو رخ تبديل ڪيو ويندو، پر 7 ڪروڙ سنڌي درياھ جو رخ تبديل ٿيڻ نه ڏيندا، زمينن جا سودا بند ڪيا وڃن، سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جي ڪري سڄي سنڌ سڪي رھي آھي، ڪوبه پڇڻ وارو ناھي، واپڊا چيئرمين ٻڌائي چڪو آھي پيپلز پارٽي سنڌ جو درياھ ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي، چولستان ۽ ٻيا 6 ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي، گرين پاڪستان جو مطلب بنجر سنڌ آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبو آھي، سنڌ جي زمينن جا سودا ڪيا پيا وڃن، حڪمرانن آھستي آھستي سنڌ جا سمورا وسيلا ڏئي ڇڏيا آھن، بدلي ۾ ڪرپشن ۽ اقتدار کي تحفظ ڏئي سنڌ جي دولت لٽي آھي، انڪري سنڌيو پنھنجي بربادي کي روڪيو، سنڌو درياھ کي بچايو، 6 ڪئنالن کي روڪيو، سنڌ جي زمينن تي قبضي جي سازش کي روڪيو، سنڌيو پنھنجي ايندڙ مستقبل جو سوال آھي، جيڪڏھن درياھ ھليو ويو ته تاريخ ۾ ڏوهاري بنجي وينداسين.
ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف دولتپور ۾ جسقم جو احتجاجي مظاهرو
دولتپورصفن(ن ع آ )سنڌو درياهه تي ڌاڙي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جسقم سٽي دولتپور صفن جي اڳواڻن فقير حڪيم لاکو، پنهل کوکر، محمد علي پلي، نويد گائنچو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪٽپر پيٽرول پمپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي دولتپورصفن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي بدنيت ظاهر ٿي وئي آهي، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ھزارين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين کي ڏئي آباد ڪرڻ چاهين ٿا پر سنڌي قوم هاڻي سجاڳ آهي ۽ اسان سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ نه ڏينداسين، هنن وڌيڪ چيو ته ٻٻرلو ڌرڻي م ويٺل قومي ڪارڪنن مٿان سنڌ حڪومت ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن ڪنهن ڏوهه ۾ آهن ته کين عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي.
شھدادڪوٽ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ايس ٽي پي جو ڌرڻو
شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي ) شھدادڪوٽ ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ڪامريڊ حيات تونيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ حيات تونيو، شبير مگسي، امداد سومرو، رشيد مگسي، فاروق چاوڙو ۽ ٻين چيو ته پنجاب جي حڪمرانن سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي، انڊس ڊيلٽا سسٽم ۾ پاڻي وڏي مقدار ۾ موجود هئڻ باوجود به سنڌ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽي پي ۽ سي جي لنڪ ڪئنال سميت پنجاب ٻوڏن وارا واهه ۽ ڪئنال کوليا ويا آهن، سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي سر سبز سنڌ کي بنجر بڻايو ويو آهي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي جنھن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪنداسين.
ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ميرپورخاص ۾ وڪيلن پاران ڪئمپ قائم
ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنالن خلاف ميرپورخاص جي هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڪئمپ قائم ڪئي وئي، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن وڪيل مير پرويز ٽالپر، وڪيل عبدالغفار ناريجو، وڪيل افضل ڪريم ورڪ، وڪيل علي حسن چانڊيو، وڪيل شاهنواز لغاري، وڪيل مسعود لغاري ۽ ٻين چيو ته سنڌ حڪومت جي ٺلن آسرن جي ڪري ۽ عوام کي بيوقوف ٺاهڻ جي ڪوشش تي وڪيل ان نتيجي تي پهتا آهن ته هاڻ حڪومت سان ڳالهيون نه ٻٻرلو جيان احتجاج ٿيندو، اسان کي سنڌ حڪومت تي اعتماد نه رهيو آهي، اسين سنڌ جي حقن کي جدوجھد ذريعي حاصل ڪنداسين، وڪيلن سميت پوري سنڌ کي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينون ڏيڻ وارو فيصلو قبول ناهي ۽ ان کي رد ٿيڻ تائين وڪيلن جو احتجاج جاري رهندو.