ڪراچي ۾ بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون، مختلف علائقن ۾ مظاهرا،ڌرڻا

ڪراچي(رپورٽر)ڪي اليڪٽرڪ پاران غير اعلانيه ڊگهي لوڊشيڊنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ شديد احتجاج ۽ ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جتي شهرين سڙڪن تي ٽريفڪ بند ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي، تفصيل موجب، ڪراچي جي انهن علائقن ۾ به 6 کان 12 ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪئي پئي وڃي، جن علائقن ۾ اڳ لوڊشيڊنگ جو شيڊول ئي نه هو۔ جڏهن ته ملير، لانڍي، ڪورنگي، سرجاني ٽائون، نارتھ ڪراچي، سلطان آباد، سٽي ريلوي ڪالوني ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بندش جو دورانو 12 کان 16 ڪلاڪ تائين پهچي ويو آهي، شدت واري گرمي، پاڻي جي کوٽ ۽ انٽرميڊيئيٽ جي امتحانن سبب شهري سخت تڪليف ۾ مبتلا آهن، ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسن اڳيان احتجاجي ڌرڻن دوران شهرين ڪمپني جي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي،آئي آءِ چندريگر روڊ تي به مظاهرو ڪري صدر، آرٽس ڪائونسل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سخت ٽريفڪ جام پيدا ڪيو ويو، جتي شهري ڪلاڪن تائين روڊن تي ڦاٿل رهيا، لانڍي، ڪورنگي، سعود آباد، کوڪراپار ۽ ٻين علائقن جا سوين شهري ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس اڳيان احتجاجي ڌرڻن ۾ شامل ٿيا، جتي ماڻهن جو چوڻ هو ته پنج مهينن کان پوءِ ٻيهر روزانو 8 کان 12 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هفتي ۾ هڪ ڀيرو "مينٽيننس” جي نالي تي به سڄو ڏينهن بجلي بند رهي ٿي،شهرين جو اهو به چوڻ هو ته بجلي جي غير موجودگي سبب آر او پلانٽس به بند آهن ۽ پاڻي جي کوٽ شديد ٿي وئي آهي، ٻئي طرف، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته 70 سيڪڙو بجلي جو نيٽورڪ لوڊشيڊنگ کان آزاد آهي، جڏهن ته باقي 30 سيڪڙو علائقن ۾ بجلي چوري ۽ بلن جي عدم ادائيگي جي ڪري شيڊول لاڳو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.