گهوٽڪي ۾ بي آءِ ايس پي قسطن مان ڪروڙين رپيا ڪٽوتي، ڊي جي جو اعتراف، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي: ذوالفقار شيخ

ڪراچي: گهوٽڪيءَ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ مستحق عورتن جي فنڊن ۾ ڊيوائس مافيا جي ڪٽوتين بابت عوامي آواز سان ڳالهائيندي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار شيخ  ڊوائس مافيا جي زيادتين جو اعتراف ڪندي چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران اهڙي شڪايتن تي فوري قدم کڻندي ڪارروايون پڻ ڪيون ويون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي سنڌ ۾ مستحق عورت لاءِ وڌيڪ فائدي مند بنائڻ لاءِ ڪيترين ئي اسڪيمن تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته عورتن کي هنر مند بنائڻ لاءِ ”بينظير هنر مند پروگرام“ نالي هڪ اسڪيم تي ڪم پڻ جاري آهي، جنهن ذريعي عورتن کي مختلف هنر سيکاري انهن کي پنهنجا روزگار شروع ڪرڻ جي قابل بڻايو ويندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن وڌيڪ چيو ته ، مون ذاتي طور تي گهوٽڪي وڃي عورتن جي شڪايتن تي ڪارروايون ڪيون آهن ۽ مستحق عورتن جن کان ناجائز ڪٽوتيون ڪيون ويون هيون انهن کي پئسا واپس ڪرايا، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هاڻي   سموري سنڌ ۾ مستحق عورتن کي قسط جي ادائگي بينڪ ذريعي ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ اسٽيٽ بينڪ سان ڳالهيون هلندڙ آهن، هن وڌيڪ چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي شفاف بنائڻ ۽ مستحق عورتن جي شڪايتن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان انهن آفيسرن خلاف سخت قدم کنيا آهن جيڪي ڪٽوتين ۾ ملوث  آهن ۽ جن جي ڪري شڪايتون اچي رهيون هيون، جڏهن ته اڃان وڌيڪ بي آءِ ايس پي آفيسرن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهوٽڪيءَ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي فنڊن ۾ جيڪي ڊوائيز مافيا ڪٽوتي ڪري ٿي انهن سان  بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو عملو، پوليس اهڪار ۽ بااثر پڻ  شامل آهن،

سينٽرن تي مستحق عورتن لاءِ پاڻي توڙي ڇانو جي سهولت ناهي!

ميرپورماٿيلو: گهوٽڪي ضلعي ۾ قائم بي آءِ ايس پي سينٽرن تي مستحق عورتن لاءِ پيئڻ جي پاڻي ۽ شيلٽر سميت ڪي به بنيادي سهولتون موجود ناهن، شديد گرمي ۽ نٽهڻ اس سبب هزارين عورتون روزانو دربدر ٿيڻ تي مجبور آهن، ڪيتريون ئي عورتون بيهوش ٿينديون رهن ٿيون پر انتظاميه پاران سهولتن جو بندوبست ناهي ڪيو ويو.

عورتون شڪايت ڪنديون ته رقم واپس ڏياربي: ضلعي آفيسر

ميرپورماٿيلو: عوامي آواز پاران رابطو ڪرڻ تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام گهوٽڪي جي ضلعي آفيسر عبدالخالق ويسر ٻڌايو ته ڊوائيس ايجنٽن خلاف مستحق عورتون شڪايت ڪنديون ته کين ڪٽوتي ٿيل رقم واپس ڏياري ويندي ۽ ايجنٽ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، هن مهل تائين ڪيس داخل ناهي ٿيو، ڪٽوتي ڪندڙن ايجنٽن خلاف اختيارين کي لکيو آهي، مستحق عورتن کي سهولتون ڏيون پيا، اڳ نه هونديون هيون، اسان کي مستحق عورتون شڪايت ڪنديون ته ڪارروائي ڪنداسين. ڊوائيس ڏيڻ يا نه ڏيڻ لاڳاپيل بينڪ جو اختيار آهي، 196 ڊوائيس ايجنٽ آهن، نگراني لاءِ ٽيمون جڙيل آهن، ڊي جي سنڌ ذوالفقار شيخ پڻ دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو آهي.

گهوٽڪي ۾ بي آءِ ايس پي جي قسطن مان ڪروڙين رپين جي ڪٽوتي جاري

ڪراچي/ ميرپور ماٿيلو(رپورٽ: ناصر خٽڪ /خالد وسير) گهوٽڪي ضلعي ۾ 2 سئو ڊوائيس ايجنٽن هٿان ڏيڍ لک مستحق عورتون يرغمال بڻيل آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي وظيفي مان وڏي پئماني ڪٽوتي جو سلسلو جاري آهي، جنهن بابت انتظاميه لاتعلق بڻيل آهي، هڪ اندازي مطابق هر قسط تي 15 کان 18 ڪروڙ  رپين جي ڪٽوتي جو انڪشاف ٿيو آهي، خبر موجب ضلعي گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ ۾ 2 سئو جي لڳ ڀڳ ڊوائيس ايجنٽ مقرر ٿيل آهن جن وٽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت هر ٽئين مهيني هر هڪ مستحق عورت لاءِ ساڍا 13 هزار وظيفي جي قسط اچي ٿي اهڙي ريت  ضلعي ۾ هڪ لک 40 هزار مستحق عورتون وظيفو حاصل ڪن ٿيون، مليل ڄاڻ موجب هر هڪ مستحق عورت کان 15 سئو کان 2 هزار روپين تائين غيرقانوني ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، اهڙي عمل ۾ لاڳاپيل بينڪ عملدار، بينظير انڪم سپورٽ جا آفيسر، پوليس عملو توڙي صحافت جي آڙ ۾ ڪيترائي ڪردار شامل آهن، جيڪي عورتن کان ڪٽوتي ڪيل رقم مان حصو پتي وٺن ٿا، ڪيترين ئي عورتن جون 2-2 قسطون به آيل هجن ٿيون پر ڊوائيس ايجنٽ کين هڪ قسط جو ٻڌائي ٻئي قسطون ڪڍي ٿا وڃن، هڪ اندازي موجب هر ٽئين مهيني عورتن جي وظيفي مان 15 کان 18 ڪروڙ روپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي،

ايس ايڇ اوز سميت اهلڪار ملوث،  ايس ايس پي ۽ ڊي سي خاموش

ميرپورماٿيلو: ذريعن موجب مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز ۽ ٻيا اهلڪار پڻ ڊوائيز وارن کان ڏهاڙي رشوت وٺي رهيا آهن، جنهن سبب ڊوائيز ايجنٽ بي خوف ٿي سرعام  ڪٽوتي ڪري رهيا آهن، مستحق عورتن ڊي سي گهوٽڪي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

بي آءِ ايس پي ۽ بئنڪ عملدار به لکين رپين جي رشوت ۾ ملوث

ميرپورماٿيلو: ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊوائيس مافيا کان هر قسط تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا عملدار لکين روپيا رشوت وصول ڪندا رهن ٿا جڏهن ته لاڳاپيل بينڪ عملدار عوامي شڪايتن تي عارضي طور تي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ڊوائيس کي بلاڪ ڪري ايجنٽن کان 50 هزار کان هڪ لک روپيا رشوت وٺي کوليندا رهن ٿا ۽ اهو عمل هر هفتي ۾ ڪئي ڀيرا ڪيو پيو وڃي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.