اسلام آباد (م ڊ ) قومي اسيمبلي ۾ ننڍي عمر جي ٻارن جي شاديءَ تي پابندي بابت بل منظور ڪيو ويو، جنهن مطابق 18 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جو نڪاح قانوني ڏوھ قرار ڏنو ويو آهي، بل جي تحت، نڪاح رجسٽرار پابند هوندا ته هو گهٽ عمر وارن ٻارن جي شادي جي داخلا نه ڪن، نڪاح پڙهائيندڙ شخص لاءِ ضروري هوندو ته نڪاح کان اڳ ٻنهي ڌرين جا ڪمپيوٽرائزد شناختي ڪارڊ موجود هجڻ کي يقيني بڻائي، بنا دستاويزن جي نڪاح رجسٽر ڪرڻ يا نڪاح پڙهائڻ تي هڪ سال قيد، هڪ لک رپيا ڏنڊ يا ٻئي سزائون گڏ ڏئي سگهجن ٿيون، 18 سالن کان گهٽ عمر واري ڇوڪري سان شادي پڻ جرم قرار ڏني وئي آهي، اهڙي طرح نابالغ ڇوڪري سان شادي ڪرڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 2 سال ۽ وڌ ۾ وڌ 3 سال سخت قيد جي سزا ڏني ويندي ۽ ان سان گڏ ڏنڊ پڻ لاڳو ٿيندو، ننڍي عمر وارن ٻارن جي مرضي سان يا بغير مرضي جي شادي کي زيادتي تصور ڪيو ويندو، نابالغ گهوٽ يا ڪنوار کي شادي لاءِ مائل ڪرڻ، زور زبردستي ڪرڻ يا ترغيب ڏيڻ وارو شخص پڻ زيادتي جو ڏوهاري قرار ڏنو ويندو.