رسول بخش پليجي جي ڀيڻ حورالنساءُ لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي ( رپورٽر)  عوامي تحريڪ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ سرواڻ رسول بخش پليجي جي ڀيڻ، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ  حورالنسا پليجو ڪراچي ۾ وفات ڪري وئي، هن پنھنجي رھائش گاهه  ڪراچي گلستان جوھر ۾ دم ڏنو.. کيس ڪجھه وقت ساهه جي تڪليف ھئي، جنھن کان پوءِ کيس ڇاتي جي ڪينسر ٻڌائي وئي. حورالنساءُ پليجو رسول بخش پليجي صاحب سان تاريخي جدوجھدن ۾ شامل رھي. ون يونٽ مخالف جدوجھد، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرايو، ايم آر ڊي، ڪالاباغ ڊيم خلاف ھليل تاريخي جدوجھدن ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. حورالنساءُ پليجو ھينئر عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر پڻ ھئي. عوامي تحريڪ پاران ٽن ڏينھن جو سوڳ ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.