ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد سوشل ميڊيا تي ڇانيل

اسلام آباد (م ڊ)خابرو اداري اي ايف پي موجب، پاڪستاني فوج جي حمايت سوشل ميڊيا تي خاص طور تي نوجوان شهري ڪري رهيا آهن. پاڪستان جي 240 ملين آبادي مان ٻه ڀاڱي ٽي  حصو اهڙن ماڻهن تي مشتمل آهي، جن جي عمر 30 ورهين کان گهٽ آهي.ڊيجيٽل رائٽس ماهر نگهت داد جو چوڻ هو ته 7 مئي تي ڀارت طرفان پاڪستان جي اندر ڪيل ميزائل حملا ۽ ڊرون پروازون انهن نوجوانن لاءِ نئون تجربو هو، جن کي پهريون ڀيرو پنهنجي گهرن جي مٿان ڊرون اڏامندي ڏسڻ ۾ آيا.ان واقعي جي نتيجي ۾ هڪ جذباتي احساس پيدا ٿيو ته ڀارت، جيڪو ورهين کان پاڪستان تي دهشتگرد حملي جو الزام لڳائيندو رهيو آهي، هاڻ سڌو حملو ڪري رهيو آهي.ان ماحول ۾ سوشل ميڊيا تي جذبات جو ڀرپور اظهار ٿيو. پاڪستان حڪومت، جيڪا 2024ع جي چونڊن دوران مائڪرو بلاگنگ پليٽفارم "ايڪس” تي فوج تي تنقيد سبب ان تي پابندي لڳائي هئي، ان پابندي کي ختم ڪري ڇڏيو.ايئر وائس مارشل اورنگزيب احمد، جنهن پاڪستاني ايئر فورس جي ڪارڪردگي بابت ميڊيا بريفنگ ڏني هئي، سوشل ميڊيا تي ماڻهن جا دليون کٽي ورتيون. نگهت داد ٻڌايو ته نوجوانن ڀارتي ميڊيا جي پروپيگنڊا خلاف ميمن، لطيفن ۽ طنز ذريعي پنهنجو ردعمل ظاهر ڪيو. انهن ميمن نه صرف مزاح پيدا ڪيو پر معلومات، موقف ۽ حمايت جو اظهار به ڪيو. ان جي نتيجي ۾ ڀارت "ايڪس” ۽ يوٽيوب تي پاڪستاني مشهور شخصيتن جا اڪائونٽ بلاڪ ڪري ڇڏيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.