اسلام آباد(م ڊ) حڪومت انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2024 کي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي سبب اها ڪوشش ناڪام ٿي وئي، ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001 ۾ ترميم لاءِ انڪم ٽيڪس ترميمي بل 2024 پيش ڪيو، بل پيش ڪرن واري رٿ تي پي ٽي آءِ اعتراض ڪيو، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ايون ۾ حاضري جي ڳڻپ ڪرائي، ڳڻپ دوران حڪومت جا 67 ۽ اپوزيشن جا 32 ميمبر موجود نڪتا، جنهن تي تحريڪ منظور ڪئي وئي، شق وار منظوري دوران پ پ اڳواڻ نويد قمر اعتراض ڪندي چيو ته اجلاس کان اڳ هائوس بزنس ايڊوائزري ڪميٽي ۾ طئي ٿيو هو ته هن اجلاس ۾ ڪا به قانونسازي نه ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ جي عامر ڊوگر به هن موقف جي حمايت ڪئي ۽ چيو ته ڪميٽي ۾ فيصلو ٿيو هو ته اجلاس ۾ پاڪ-ڀارت تڪرار ۽ قومي سلامتي تي بحث ڪيو ويندو، قانونسازي نه ٿيندي، ان دوران، عامر ڊوگر ڪورم جي نشاندهي ڪئي، ٻيهر ڳڻپ دوران ميمبرن جو گهربل تعداد موجود نه هو، وقفي کان پوءِ به ڪورم مڪمل نه ٿيڻ تي اجلاس اڄ جمعي جي صبح تائين ملتوي ڪيو ويو.