روهڙي ۾ معمولي ڳالهه تان ڀاءُ جي فائرنگ ۾ ڀيڻ قتل، ماءُ ۽ سالي زخمي

روهڙي (م ڊ) روهڙي ڀرسان جهانگڙو ٿاڻي جي حد ۾ معمولي تڪرار دوران ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن  ته ماءُ ۽ سالي سخت زخمي ٿي پيون. ڳوٺ صاحب خان جسڪاڻي ۾ جوابدار شير خان جسڪاڻي گهر جي اڏاوت بابت تڪرار تان ڪاوڙ ۾ اچي فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾ سندس 60 ورهين جي ڀيڻ بچائي موقعي تي ئي مارجي وئي، جڏهن ته ماءُ لال خاتون ۽ سالي ممتاز خاتون سخت زخمي ٿي پيون. زخمين کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو ويو، جتان حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين سکر سول اسپتال ريفر ڪيو ويو. فوتي عورت جي نوجوان پٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ماما گهر نه ٺاهڻ تي منهنجي ماءُ کي بي رحمي سان گولي هڻي قتل ڪيو. متاثر ڪٽنب شير خان جسڪاڻي، شڪيل جسڪاڻي ۽ ٻين جي خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ٻئي پاسي جهانگڙو پوليس جو چوڻ هو ته هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.