سکر (رپورٽر) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سيڪريٽري جنرل مفتاح اسماعيل چيو آهي ته 75 سالن کان پاڪستاني سياسي ۽ مذهبي پارٽين عوام سان صرف واعدا ڪيا آهن ۽ عملي طور ڪجهه به نه ڪيو آهي. عوام پاڪستان پارٽي جي قيام جو مقصد عام ماڻهن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کي حل ڪرڻ آهي. اڳوڻن ۽ موجوده حڪمرانن جي بي حسي جي ڪري، پاڪستان ترقي جي مخالف طرف وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري معاشي ترقي ممڪن نه رهي آهي. ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، پڙهيل لکيل نوجوان مايوسي ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهن. حڪومت عوام لاءِ نعمت جي بدران بار بڻيل آهي. هن وقت به ملڪ ۾ چاليهه سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عوام پاڪستان پارٽي جي ڪنوينر سنڌ انور سومرو ۽ سکر ڊويزن جي صدر امتياز ميمڻ جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته عوام حڪمرانن کان تنگ اچي چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ناڪام حڪمران آهن.