انقره(م ڊ)ترڪ صدر رجب طيب اردگان، وزيراعظم شهباز شريف جي آجيان واري بيان تي پاڪستان سان دل جي گهراين سان محبت جو اظهار ڪيو.ترڪ صدر سوشل ميڊيا تي وزيراعظم شهباز شريف کي ”منهنجو سڀ کان پيارو ڀاءُ“ ڪري سڏيندي ”پاڪستان ترڪيه دوستي زنده باد“ جو نعرو پڻ لڳايو.رجب طيب اردگان چيو ته اسين هميشه توهان سان گڏ بيٺا آهيون، ترڪيه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جيڪا ڀائيچاري واري لاڳاپا آهن، اهڙي نعمت رڳو ٿورن قومن کي نصيب ٿيندي آهي.ترڪ صدر چيو ته پاڪستان جي دانائي، صبر، تحمل، ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت واري پاليسين کي اسين ساراهيون ٿا، جيڪي تڪرارن جي حل لاءِ اختيار ڪيون ويون آهن.