اسلام آباد(م ڊ)دفاع واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڪالهه تائين جيڪي پاڪستان کي سنجيده نه وٺي رهيا هئا اڄ احترام جي نظر سان ڏسي رهيا آهن،ڀارت جا 5 جهاز ڪيرايا ويا آهن ۽ هڪ يو اي وي ڪيرايو ويو آهي،ڀارت پاران ٻيهر جارحيت جا امڪان موجود آهن،جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت ٻيهر جارحيت ڪئي ته اسان جو جواب ۽ عالمي ردعمل به ايندو،مودي وائڙائپ ۾ ڪا به حرڪت ڪري سگهي ٿو،هن چيو ته مودي جو سياسي سرمايو ختم ٿي ويو آهي،آمريڪا سميت سمورا دوست ملڪ اسان سان آن بورڊ هئا،دوست ملڪ جنگ بندي جي حق ۾ هئا ان ڪري اسان سيز فائر ڪيو،اڌ يا پوري،ڀارت ڪشمير تي ڳالهائڻ تي راضي ٿيو آهي،ڀارت ڪشمير مسئلي تي ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو،اها پاڪستان جي ڪاميابي آهي،هن چيو ته اها پهرين ويرهه هئي جنهن ۾ سائبر وار فيئر ٿيو آهي،سائبر وار ۾ ڀارت جو سمورو سسٽم مفلوج ٿي ويو هو