ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي وائيس چانسلر ۽ ٻين آفيسرن خلاف ڪرپشن جي الزامن بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي. عدالت چيئرمين اينٽي ڪرپشن کي هدايت ڏني ته وائيس چانسلر ۽ سيڪريٽري يونيورسٽيز بورڊ خلاف جاچ مڪمل ڪري ٽن مهينن اندر رپورٽ پيش ڪئي وڃي. درخواست گذار جي وڪيل اسد الله بلو موقف ڏنو ته وائيس چانسلر مبينا طور جعلي طريقي سان سيڪريٽري عباس بلوچ کي ايم بي اي جي ڊگري ڏني، جڏهن ته آڊٽ رپورٽ موجب ملير ڪيمپس ۾ به وڏي پيماني تي ڪرپشن ٿي آهي. پروفيسر ملوڪ رند، محمد امين ۽ عبدالمجيد پاران آفيسرن خلاف جاچ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو ويو هو.