نوجوان پڙھائي سان گڏ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي ڪن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سنڌي شاگرد تحريڪ سنڌ يونيورسٽي جي نوان چونڊجيآيل عھديدارن  ملاقات ڪئي ۽ ڪاشف چاچڙ، فراز خاصخيلي، وسيم گھوٽو، بابر ، اشتياق ، صمد، جنيد  جي اڳواڻي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن اياز لطيف پليجو سان ملاقات ڪري 15 کان مٿي شاگردن سنڌي شاگرد تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي اياز لطيف چيو  ته ھي دور پڙھائي جو دور آھي، نوجوان پڙھائي تي ڌيان ڏين، ان سان گڏ سنڌ ڌرتي جا محافظ ٿي صف اول ۾ بيھن، وسيلن ۽ ڌرتي جي مالڪي ڪن، ايندڙ وقت نوجوانن جو آھي، پنجاب ۽ وفاقي حڪومت ڏاڍ مڙسي ذريعي ٻيھر ڪئنال ڪڍڻ چاھي ٿو، پيپلز پارٽي وفاق سان معاهدو ڪيو آهي ته سنڌ ھاڻي خاموش رھندي، درياھ ۽ سنڌ جي زمينن تي ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.