ڀارت خلاف آپريشن نواز شريف جي نگراني هيٺ ترتيب ڏنو ويو\عظميٰ بخاري

لاهور(بيورو) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظمیٰ بخاري چيو آهي ته ڀارت خلاف سمورو آپريشن نواز شريف جي نگراني هيٺ ترتيب ڏنو ويو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عظمیٰ بخاري چيو ته 10 مئي تي نواز شريف وزيراعظم سان گڏجي ملڪ کي بچايو. هڪ صحافي پاران نواز شريف جي ٽوئيٽ ۾ ڀارت جو نالو نه وٺڻ بابت پڇيل سوال تي عظمیٰ بخاري چيو ته نواز شريف ڪو عام "اي بي سي ڊي” طرز جو تجزيو ڪندڙ ناهي، انهن جا ڪم پاڻ ڳالهائين ٿا، ملڪ کي ايٽمي طاقت به هن ئي بڻايو. عظمیٰ بخاري وڌيڪ چيو ته ڀارت اڃا رڳو اسان جو ٽريلر ڏٺو آهي، فلم اڃا باقي آهي.  هن چيو ته جنگ دوران سوشل ميڊيا توڙي سياسي طور پي ٽي آءِ جي ڪردار کي ساراهيان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.