جيڪب آباد (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي) جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آھي ته پاڪستان جي دلير فوج طرفان اکنڊ ڀارت ۽ هندوتوا نظريي کي ناڪام بڻائڻ کانپوءِ، پاڪستان کي عالم اسلام جي اڳواڻي ڪندي غزه جي بکين، اڃين مظلومن کي اسرائيل، آمريڪا ۽ انڊيا جي جديد هٿيارن سان ٿيندڙ بربريت بند ڪرائڻ لاءِ "بنيان مرصوص” جو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، غزه ۾ تباهي کانپوءِ اسرائيل جو هاڻي ٽارگيٽ پاڪستان جا نيوڪليئر تنصيبات آهن، اھڙن خيالن جو اظهار هن صوبائي امير مولانا عبدالقيوم ھاليجوي جي صدارت ۾ مولانا امين الله جي جڳھه تي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته غزه ۾ جاري جارحيت ختم ڪرڻ ۽ صهيونيت جي نظريي کي سيهي جي ڀت بڻي مٽي ۾ ملائڻ جو وقت اچي ويو آهي.