ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل لڳائڻ جي تياري، پاڪستان ۽ روس متفق

اسلام آباد(بيورورپورٽ) پاڪستان ۽ روس ڪراچيءَ ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ تي متفق ٿي ويا، جڏهن ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. وفاقي وزارت صنعت ۽ پيداوار طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر خان ۽ روس جي نمائندي ڊينس نازروف جي ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي. بيان موجب، هڪ اهم ملاقات دوران روس جي نمائندي ڊينس نازروف، پاڪستان جي وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر خان سان مليو، جنهن جو مرڪزي موضوع پاڪستان ۾ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ هو. بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين ڪراچيءَ ۾ نئين اسٽيل مل جي قيام بابت تفصيلي ڳالهيون ڪيون، ۽ ٻنهي ملڪن هن منصوبي کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان تي عملدرآمد لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو. ملاقات دوران هارون اختر خان وزيراعظم جي ويزن کي اجاگر ڪيو، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته هي وقت پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جو بهترين موقعو آهي. هارون اختر خان پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ اسٽيل انڊسٽري ۾ بهترين تعاون جا امڪان به بيان ڪيا، جيڪي ٻنهي ملڪن لاءِ فائدي مند ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان هڪ محفوظ ۽ ترقي ڪندڙ سيڙپڪاري جو مرڪز آهي ۽ عالمي برادري ان جي صلاحيتن کي تسليم ڪيو آهي، ۽ روس جي سڀني ڪاروباري ماڻهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ جي دعوت ڏني. هي ملاقات ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي ۽ اسٽيل پيداوار جهڙن اهم شعبي ۾ گڏيل منصوبن لاءِ نيون راهون کوليون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.