ويرات ڪوهلي جي رٽائرمينٽ: ٽيسٽ ڪرڪيٽ پنهنجي سونهَن کان وانجهي ٿي وئي

سرمد سولنگي

” ان لمحي کي اڄ 14 ورهيه وهامي چڪا آهن، جڏهن مان پهريون ڀيرو ڀارت لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ” بيگي بلو“ پائي ميدان تي لٿو هئس، سچ پڇو ته ڪڏهن سوچيو به نه هيم ته هي فارميٽ مون کي اهڙي زندگي بخشيندو، هن فارميٽ مون کي آزمايو، تراشيو، نکاريو ۽ گهڻو ڪجهه سيکاريو جيڪو سدائين گڏ رهندو. “
انهن لفظن سان 12 مئي 2025ع جي منجهند جو، جديد ڪرڪيٽ جي مهان بيٽرن منجهان هڪ ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.

مون گذريل هفتي لکيو ھو ته مئي ماري ڇڏيندو…! اھو ھن مهيني ننڊي کنڊ مٿان ڇانيل غير يقيني واري صورتحال جي پس منظر ۾ نه ھو… اھو جملو مون انڪري لکيو ھو ته ھلندڙ مهيني روھت شرما ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي الوداع چيو ھو، ھن ئي مهيني ٻنهي ديسن جي انڌن سياستدانن، عسڪريت پسندن جي روش جي ڪري ھڪ اھڙي راند کي نشانو بڻايو ويو جنهن ۾ دلين کي جوڙڻ جي سگهه ھئي/آهي.

ھا، مان اھو جملو انڪري لکيو ھو ته ڪجهه ڏينهن کان خبرو گردش ڪري رهيون هيون ته ويرات ڪوهلي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڇڏڻ بابت سنجيدگيءَ سان ويچارڻ لڳو آھي ۽ ان ڏس ۾ ھو بي سي سي آءِ ( ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ) کي پڻ آگاهه ڪري چڪو آھي …

حقيقت ۾ دل مُنجهي پئي هئي جڏھن به اھا خبر پڙهي هيم، ھڪ پورو دؤر اکين آڏو تري آيو هو، من ۾ ھِڪُ احساس جنم وٺي ٿو، جيڪو ڪنهين ھارايل ميچ کانپوءِ واري دک کان گهڻو مختلف آھي، ھي ڏک ٿورو گِهرو، ماٺو پر بنهه پنهنجو ڀاسي ٿو ۽ مان سوچيان ٿو ڇا ھاڻي ميدانَ سندس جوش ۽ للڪارن کان وانجها ٿي ويندا..!

پاڻ ڪوهلي جي انهن پرستارن مان آهيون جيڪي ڪڏھن ٽي وي يا موبائل اسڪرين آڏو کيس بيٽنگ ڪندو ڏسي آپي مان نڪري ويندا هئاسين، سندس ھر انداز کي ڪاپي ڪيوسين، ھن جي نالي ۽ نمبر وري جرسي پهري ۽ سندس ڪور ڊرائيو تي ٿڌو ساهه ڀريا آهن.

ڪيئي ستارا آيا جن ھن راند جي واڌ ويجهه ۾ پنهنجو، پنهنجو حصو پتي ڳنڊيو ۽ پوءِ پنهنجو رستو وٺي پاسيرا ٿي ويا، پر ھيءُ دھليءَ جو ڇوڪرو، ھن راند جي سڃاڻپ بڻجي ويو، جنهن ڪجهه ملڪن تائين محدود ھن گيم کي گلوبل گيم بڻايو.

کوڙ اھڙا ھوندا جن ھِن جي ڪري ئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ شروع ڪئي ھوندي، ھا، ڪرڪيٽ جو سڀ کان سُندر فارميٽ، جتي ھو سلِپ ۾ بکئي شينهن جيان گجگوڙ ڪندو نظر ايندو هو.

ھو جيڪو مخالفن جي اعصابن تي سوار ھوندو هو، جيئن ڪوئي يُڌ ھلندو ھجي ۽ ھو جڏھن به ڪريز تي موجود ھوندو آھي تڏھن سچ پچ ڪرڪيٽ بيٽ ۽ بال جي ڪهاڻي کان گهڻو مٿانهين محسوس ٿيندي هئي، اڇي جرسي ته ڪيئي رانديگرن پهري ھوندي، پر ھن ان کي ٽريڊ مارڪ بڻائي ڇڏيو هو .

ويرات ڪوهلي انسٽاگرام پوسٽ ذريعي پنهنجي فيصلي بابت لکيو ته ” اَڇي جرسيءَ ۾ کيڏڻ هڪ الڳ قسم جي پنهنجائپ جو احساس ڏياريندو هو، اُها خاموش محنت، ڊگها ڏينهن، ننڍڙا ننڍڙا لمحا جيڪي سڀني جي نظرن کان اوجهل رهيا، پر سدائين لاءِ دل ۾ پيهي ويا، هن فارميٽ کان ڌار ٿيڻ سولو نه آهي، پر مون کي هي فيصلو دُرست لڳو، مان هن راند کي سڀ ڪجهه ڏنو ۽ بدلي ۾ ان مون کي ڪيئي ڀيرا وڌيڪ نوازيو ، هن راند مون کي ايترو ڪجهه ڏنو جنهن بابت مون ڪڏهن سوچيو ئي نه هو.“

ويرات ڪوهليءَ جي ٽيسٽ ڪيريئر تي هڪ نظر
ويرات ڪوهلي جو ٽيسٽ ڪيريئر 14 ورهين تي پکڙيل آهي، هن 123 ميچن جي 210 اننگز ۾ 30 سينچرين ۽ 31 ففٽين ۽ 46 ڏهائي 85 جي ايوريج سان 9230 رنسون ٺاهيون.
ڪوهلي 2011ع ۾ ويسٽ انڊيز جي سبينا پارڪ ۾ ڀارت لاءِ ڊيبيو ڪيو ۽ سوا ٽن سالن جي عرصي دوران هو ڀارتي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان بڻجي ويو.
جڏهن به ڪا به ٽيم آسٽريليا جي دوري تي ويندي آهي ته ان جي شڪست جو هڪ روايتي انداز هوندو آهي مثال طور آسٽريلوي بيٽر وڏو اسڪور ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ سندن بالر جارحاڻي انداز ۾ لاڳيتو شارٽ پچ بالن ذريعي مخالف بيٽرن کي پريشان ڪندا آهن. جيڪڏهن رانديگر ٿورو وقت به ڪريز تي ٽڪي ويندو آهي تنهن کي ”سليجنگ“ يعني ٺٺول، ڳالهين ۽ اشارن سان ذهني دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، نيٺ آسٽريلوي ٽيم وڏي مارجن تان ميچ کٽي ويندي آهي ۽ مهمان ٽيم باقي سيريز ۾ پاڻ کي سنڀالي ناهي سگهندي آهي.
اهڙي صورتحال جو گهڻي ڀاڱي پاڪستاني ۽ سريلنڪن رانديگرن کي منهن ڏسڻو پوندو آهي، پر ڀارتي بيٽر، هميشه پنهنجي سٺي ٽيڪنيڪ جي ڪري آسٽريليا ۾ وڏيون اننگز کيڏندا رهيا آهن.
بهرحال، ڪنهن به ڀارتي بيٽر يا ڪپتان آسٽريلوي ٽيم کي نه ميدان ۾ ۽ نه ئي ميدان کان ٻاهر اهڙو جواب ڏنو آهي، جهڙو ويرات ڪوهلي ڏنو هو.

سال 2014ع ۾ انگلينڊ جي پهريون دورو سندس ڪيريئر جو اهم موڙ ثابت ٿيو جتي جيمز اينڊرسن آڏو سندس هڪ نه هلي، ان سيريز دوران هو ڏهن اننگز ۾ رڳو 134 رنسون ٺاهي سگهيو، مٿس تنقيد ٿي، پر ان ناڪاميءَ سندس ڪاميابي جي سفر جي پيڙهه جو پٿر رکيو.

انگلينڊ جي ڀوائتي دوري کانپوءِ ڪوهلي پنهنجي ٽيڪنيڪ تي محنت ڪئي، سچن ٽنڊولڪر سان مشاورت ڪئي ۽ پاڻ تي يقين، سخت محنت، ۽ شاندار فٽنس جي ڏڍ تي ٻيهر ميدان ماريو.
ڊسمبر 2014ع ۾ آسٽريليا خلاف ايڊيليڊ ٽيسٽ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچريون اسڪور ڪيون ۽ پوءِ سندس نالو دُنيا ۾ گونجڻ لڳو.
ان دوري دوران ڏنل هڪ انٽرويوءَ ۾ ويرات ڪوهلي چيو هو ته ” ڀارتي ڪرڪيٽر هئڻ طور ماڻهو سمجهندا آهن ته اسان کي اهڙي انداز ۾ ڳالهائڻ نه گهرجي، پر مان ان ڳالهه سان اتفاق نه ٿو ڪريان، جيڪڏهن ڪائي ٽيم توهان کي ذهني طور دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ته پوءِ اسان کي به ان جو جواب ان ئي نموني ۾ ڏيڻ گهرجي.“
۽ پوءِ اسان ويرات ڪوهليءَ کي ميدان ۾ جارحاڻي انداز ۾ مقابلو ڪندي ڏٺو، سليجنگ جو ڀرپور جواب ڏيندي ڏٺو.
ان ئي دوري دوران جڏهن مهيندر سنگهه ڌونيءَ ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ ورتي ته ويرات ڪوهلي کي ڪپتاني سونپي وئي، هن نه رڳو ڀارت جي سڀ کان ڪامياب ترين ٽيسٽ ڪپتان بڻجي نئين تاريخ لکي پر 40 ٽيسٽ ميچون کٽڻ، لاڳيتو 9 سيريزن ۾ فتح ۽ پرڏيهه ڪاميابين جو نئون معيار طئي ڪيو.
ڪپتان طور هن ڀارت لاءِ سڀ کان وڌيڪ چاليهه ميچون کٽيون ۽ ڪامياب ترين ايشيائي ڪپتان بڻيو.
هن ڪپتان طور ويهه سينچريون جنهن ۾ ڇهه ڊبل سينچريون پڻ شامل آهن، سندس مجموعي اسڪور5864 رهيو، سندس بهترين انفرادي اننگز 254 ناٽ آئوٽ آهي، ڪوهلي پنج ڀيرا هڪ سال دوران سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڀارتي بيٽر جو اعزاز ماڻيو.
جڏهن ته 2018ع ۾ ڪوهلي انگلينڊ واپس وريو ته هو هڪ مختلف رانديگر جي روپ ۾ نظر آيو، جتي هن 59 ڏهائي 30 جي ايوريج سان 583 رنسون ۽ ٻه شاندار سينچريون جڙيون، جنهن کانپوءِ برطانوي ميڊيا کيس ” ڪنگ ڪوهلي “ جو لقب ڏنو.
جيتوڻيڪ ويرات لکيو آهي ته هي فيصلو آسان نه هو پر حقيقت اِها آهي ته گذريل 38 ٽيسٽ ميچن ۾ هو رڳو 3 سينچريون ٺاهي سگهيو.
تازو آسٽريليا خلاف بارڊر گواسڪر سيريز ۾ هو بيٽ پنج ٽيسٽ ميچن ۾ رڳو 190 رنسون ئي ٺاهي سگهيو، شايد اِها ئي ڪارڪردگي سندس فيصلي جو اهم ڪارڻ بڻي.
ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل تان اڳ ئي گذريل سال عالمي ڪپ کٽڻ کانپوءِ رٽائر ٿي چڪو هو، هو هاڻي ڀارت لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ جاري رکندو ۽ آءِ پي ايل 2025ع دوران پنج سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهي اِهو ثابت ڪري چڪو آهي ته هن جي رنسن ٺاهڻ جي بُک اڃا ختم ناهي ٿي.

پنهنجي پوسٽ جي آخر ۾ هن پنهنجي مداحن ۽ ساٿي ڪرڪيٽر جا ٿورا مڃيا ۽ لکيو ته ” مان ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي مڪمل شڪر گذاريءَ سان الوداع چئي رهيو آهيان، هن راند لاءِ، سمورن ساٿين لاءِ جن سان گڏ ميدان شيئر ڪيو، هر ان فرد لاءِ جنهن مون کي اِهو احساس ڏياريو ته دنيا مون کي ڏسي رهي آهي، مان جڏهن به پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر کي ياد ڪندس منهنجي چهري تي هڪ مُرڪ تري ايندي.“

اسان سَڀُ ڄاڻو ٿا ته ھڪ ڏينهن ھو عالمي ڪرڪيٽ کي سميت هر قسم جي ڪرڪيٽ کان موڪلائي خاموش ٿي ويندو(هڪ انٽرويوءَ ۾ هو چئي چڪو آهي ته جڏهن ته ڪرڪيٽ ڇڏيندس ته وري ڪنهن کي نظر نه ايندس) پر جا گُونج ھو اسان جي ڪنن ۾ ڇڏي ويو، جي به لمحا ھُن ھِن راند کي ارپيا، جيڪ به اننگز ھن پنهنجي ديسَ لاءِ کيڏيون سي تا دم حيات اسان سان گڏ ھونديون ۽ اسان اھو چئي سگهنداسين ته جنهن راند کي اسان فقط ڏسڻ جي حد تائين ڏٺو، ھن جي ڪري ھوريان ھوريان ان جي سحر ۾ پاڻ وڃائي ويٺاسين …

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.