ڀارتي وزير فوج جي ڪرنل صوفيه قريشي کي دهشتگردن جي ڀيڻ قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مودي سرڪار مسلم دشمنيءَ ۾ ايتري ته اندي ٿي وئي آهي جو بي جي پي جي سينيئر اڳواڻ ۽ مڌيا پرديش جي وزير وجي شاهه ڀارتي فوج جي مسلمان آفيسر ڪرنل صوفيه قريشي کي دهشتگردن جي ڀيڻ قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪرنل صوفيه قريشي ”آپريشن سندور“ جي سلسلي ۾ ٿيل پريس ڪانفرنسن ۾ ڀارتي بري فوج جي نمائندگي ڪندي پاڪ فوج هٿان ڀارت کي رسندڙ نقصانن جي تفصيلن بابت ميڊيا کي آگاهه ڪيو هو.
مڌيا پرديش جي وزير وجي شاهه کي مسلمان فوجي آفيسر جو فرض نڀائڻ برداشت نه ٿيو ۽ هن ڪرنل صوفيه تي تنقيد ڪندي کيس دهشتگردن جي ڀيڻ چئي ڇڏيو.
وجي شاهه چيو ته دهشتگردن اسان جي هندو ڀائرن کي ڪپڙا لاهي قتل ڪيو، وزيراعظم نريندر مودي ان جي جواب ۾ دهشتگردن جي ڀيڻ کي ئي آرمي جي جهاز ۾ انهن جي گهرن تي حملو ڪرڻ لاءِ موڪليو، دهشتگردن اسان جي ڀيڻ کي بيواهه ڪيو، تنهن ڪري مودي انهن (دهشتگردن) جي ڪميونٽي سان واسطو رکندڙ ڀيڻ کي کين سبق سيکارڻ لاءِ موڪليو.
ڪانگريس ڪرنل صوفيه تي تنقيد کي بي بنياد قرار ڏيندي وجي شاهه کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
ڪانگريس جي ڪارڪنن وجي شاهه جي گهر آڏو احتجاج پڻ ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.