پشاور هاءِ ڪورٽ ملٽري ڪورٽ مان ٻڌايل سزائون درست قرار ڏئي ڇڏيون

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ ملٽري ڪورٽ مان ٻڌايل سزائون درست قرار ڏئي ڇڏيون.
پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صاحبزادا اسدالله ۽ جسٽس فضل سبحان تي ٻڌل بينچ ملٽري ڪورٽ مان ٻڌايل سزائن خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏنا ته جوابدارن جو واسطو ڪالعدم تنظيم سان آهي ۽ جوابدارن ميجسٽريٽ سامهون ڏوهه قبول ڪيو.
ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ملٽري ڪورٽ سموريون گهرجون پوريون ڪيون، اپيل جو حق ۽ مرضي جو وڪيل ڏنو.
پوءِ عدالت ملٽري ڪورٽ مان ٻڌايل سزائن خلاف ٽن اپيلن کي خارج ڪري ڇڏيو ۽ جوابدارن جي سزائن کي برقرار رکيو.
واضح رهي ته ملٽري ڪورٽ هڪ جوابدار کي عمر قيد، ٻئي کي 20 سال ۽ ٽئين کي 16 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.