پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ روس ڪردار ادا ڪري: گيلاني

ماسڪو (م ڊ) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته روس، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. هي ڳالهه هن ماسڪو ۾ رشين فيڊريشن جي فيڊريشن ڪونسل جي چيئرپرسن ويلنٽينا ماٽووينڪو سان ملاقات دوران ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، پارلياماني سفارتڪاري، واپار، معيشت، سيڙپڪاري ۽ علائقائي امن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان هميشه ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي ذريعي تڪرارن جي حل جو حامي رهيو آهي، خطي جو امن گڏيل ذميواري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.