آءِ جي جيلز قاضي نذير ۽ ڊي آءِ جي جيلز حسن سهتي وچ ۾ اختيارن جي جنگ

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) جيلن واري کاتي ۾ آءِ جي جيلز قاضي نذير ۽ ڊي آءِ جي جيلز حسن سهتو وچ ۾ اختيارن جي جنگ زور وٺي وئي، آءِ جي جيلز جا مبينا گٿا آڊيو پيغام آفيشل واٽس ايپ گروپ تان وائرل ٿي ويا. آڊيو پيغامن ۾ قاضي نذير پاران چيو ويو ته ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽر جي پوسٽ اسان مٿان زوري مڙهي وئي، اها پوسٽ ختم ٿيڻ گهرجي، اها ڪنهن خاص مقصد لاءِ ٺاهي وئي هوندي. آءِ جي جيلز پاران مبينا طور حسن سهتي لاءِ چيو ويو  تون هاري جو پٽ آهين، جاهل آهين، تون مون سان پڄي نه سگهندين. ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي حسن سهتي چيف سيڪريٽري کي خط لکي شڪايت ڪري ڇڏي جنهن ۾ هن چيو ته 3 مئي تي به آءِ جي بدتميزي ڪئي، ڌمڪيون ڏنيون، گارگند جا پيغام اماڻيا. خط ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته آءِ جي جي ذهني حالت تي به سوال اٿن ٿا. حسن سهتي وڌيڪ لکيو ته هو فيملي سان گڏ هيو، ان ڪري آءِ جي کي مجبور ٿي بلاڪ ڪيو. آءِ جي جا مبينا وائيس پيغام جيلن واري کاتي آفيشل واٽس ايپ گروپ تان وائرل ٿيا. آءِ جي جيلز جي سامهون آيل موقف موجب هو ذاتي معاملي تي ڪو تبصرو نه ڪندو ۽ ڊي آءِ جي جيلز کي شوڪاز به نه اماڻيندو، جيڪڏهن چيف سيڪريٽري پاران خط کانپوءِ پڇاڻو ڪيو ويو ته هو ان کي جواب ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.