ايئر چيف مارشل 4 ڏينهن لاڳيتو آپريشن جي نگراني ڪندو رهيو

اسلام آباد (اعزاز سيد/فخر دراني) 7 مئي تي جڏهن پاڪستاني پائليٽ دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ فضا ۾ پهتا ته ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ريڊيو تي سڌي ريت 15 اسڪواڊرن جي پائليٽن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هنن کي ماري ڇڏيو، پاڪستان جي حدن ۾ هڪ انچ به داخل ٿيڻ نه ڏيو. پاڪستان ايئر فورس جي ڳجهي ۽ محفوظ ڪمانڊ سينٽر ۾ ڀارتي رافيل جهازن کي ڀٽنڊا جي علائقي ۾ نشانو بڻائڻ جي تصويرن تي ڪمري ۾ الله اڪبر جا نعرا گونجي اٿيا. ايئر چيف صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري رهيو هو، هو لاڳيتو 4 ڏينهن کان ننڊ کانسواءِ ڳجهي نيورو سينٽر مان ڪم ڪري رهيو هو. ايئر چيف مارشل 6 مئي تي پنهنجياعليٰ قيادت کي طلب ڪيو هو ڇو ته ڀارت جي امڪاني فضائي ڪارروائي بابت انٽيليجنس ڄاڻ ملي هئي. 6 ۽ 7 مئي جي رات فيصلائتو مرحلو ثابت ٿي. هڪ ڀارتي ميزائل پاڪستاني فضائي حدن ۾ داخل ٿيو ته ايئر چيف مڪمل جوابي ڪارروائي جي اجازت ڏني جنهن کانپوءِ فضائي جهڙپ ۾ 5 ڀارتي جهازن کي ڪيرايو ويو. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ  ٻنهي ڌرين جنگ بندي تي راضپو ظاهر ڪيو، جنهن جي پٺيان آمريڪا جون سرگرم ڪوششون شامل هيون. آمريڪا کي ڳجهي ڄاڻ ملي هئي جنهن موجب پاڪستان وڏو حملو ڪري سگهي ٿو، شاهين ميزائل بابت ڪنهن کي خبر نه هئي، آمريڪا کي فضا مان اهو نظر اچي رهيو هو ته هاڻي ته هي حملو ڪندا. تنهن کانپوءِ آمريڪا تڪڙا رابطا ڪري ٻنهي ملڪن کي جنگ بندي تي راضي ڪيو. ٽرمپ پاڪستان جي ساراهه ان لاءِ به ڪري رهيو آهي ته بنيادي طور تي هو طاقت سان گڏ آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 14 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.