اين ايف سي فارمولو تبديلي کانسواءِ وفاق واڌو فنڊ استعمال نٿو ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م ڊ) جسٽس امين الدين خان جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ سپر ٽيڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جتي ايف بي آر جي وڪيل رضا رباني پنهنجا دليل مڪمل ڪيا. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته وفاق سپر ٽيڪس مان گڏ ٿيل فنڊز کي ڪيئن خرچ ڪري رهيو آهي؟ هن بي اعتمادي جو اظهار ڪندي چيو ته جيستائين اين ايف سي فارمولو تبديل نه ٿئي، وفاق واڌو فنڊز ڪيئن استعمال ڪري سگهي ٿو؟ ڪا خبر ناهي ته پلان ڪهڙو هو، هوا ۾ پيسا آيا ۽ هوا ۾ ئي هليا ويا. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان ٻڌايو ته سپر ٽيڪس مان 114 ارب رپيا گڏ ٿيا، جڏهن ته وفاق 117 ارب خرچ ڪيا، جنهن تي جسٽس مندوخيل چيو ته وفاق رڳو پنهنجي حصي جا پئسا خرچ ڪري سگهي ٿو، ان کان وڌيڪ نه.  ايف بي آر جي وڪيل عاصما حامد دليل ڏنو ته آئين ۾ سپر ٽيڪس بابت واضح هدايتون موجود آهن. جسٽس مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهو ٽيڪس عام شهرين تي به لاڳو ٿئي ٿو؟ وڪيل وضاحت ڪندي چيو ته اهو جنرل ٽيڪس آهي، جيڪو مقامي ادارن ذريعي وصول ڪيو ويندو آهي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪندي، سڀني هاءِ ڪورٽن مان سپر ٽيڪسبابت داخل ڪيسن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت هدايت ڪئي ته ٻڌايو وڃي ته ڇا هاءِ ڪورٽن انهن ڪيسن بابت سڀني ڌرين کي آگاهه ڪيو هو يا نه.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.