گڏاپ (رپورٽ: ممتاز علي شيخ) گڏاپ جي علائقي رزاق آباد پورٽ قاسم چورنگي تي ھزاريوال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو توقير، 30 ورهين جوتوصيف ۽ 20 ورهين جو عثمان موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته نعمان ۽ منصف سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن موقعي تي موجود ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جھيڙي دوران فائرنگ ڪندڙ ھڪ جوابدار رفيق کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته سندس ٻيو ساٿي فرار ٿي ويو، ان موقعي ايس پي ٽريفڪ شوڪت کٽياڻ ٻڌايو ته جھيڙو ذاتي دشمني لڳي رهيو آهي، ٽريفڪ چوڪي تي موجود پوليس اهلڪارن فائرنگ ڪندڙ ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري شاھ لطيف ٿاڻي جي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف گهرو وزير ضياءَ لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ملير کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، ايس ايس پي ملير جو چوڻ هو ته هڪ جوابدار رفيق کي هٿيار سميت گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.