گمبٽ/ خيرپور/ راڻيپور/ بهارو(نمائندا) گمبٽ ڀرسان جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، ڪالهه قومي شاهراهه تي تاج پمپ وٽ جوڻيجا برادري جيٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ ٻنهي ڌرين جا ٻه ڄڻا اختيار جوڻيجو ۽ جاويد جوڻيجو مارجي ويا، جڏهن ته ٻه ڄڻا پوليس اهلڪار فوج علي جوڻيجو ۽ اظهر شاهاڻي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ گمس اسپتال جي ريپڊ سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جو علاج هلندڙ آهي، ٻنهي مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻن ڄڻن جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن، ٻنهي مقتولن جا لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام متل آهي، آخري اطلاعن تائين ڪو به ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او گمبٽ پيار علي جتوئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، گمبٽ قومي شاهراهه تي تاج پمپ وٽ جوڻيجا برادري جا ماڻهو گمبٽ ڪورٽ اچي رهيا هئا ته ٻئي ڌر مٿس حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جو هڪ هڪ ڄڻو جن ۾ اختيار پٽ بلاول جوڻيجو ۽ جاويد پٽ محمد ملوڪ جوڻيجو مارجي ويا آهن. جڏهن ته فائرنگ سبب ٻه ڄڻا پوليس اهلڪار فوج علي جوڻيجو ۽ اظهر شاهاڻي زخمي ٿي پيا آهن. جن کي علاج لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مقتولن جا لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي. ٻئي ڌريون مورچابند بڻيل آهن. پوليس موجب جهيڙيندڙ ڌرين جي ڳوٺن ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪيون ويون آهن هوڏانهن قتل ٿيل ٻن نوجوانن جي پوليس پھري هيٺ الڳ الڳ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد اباڻي قبرستانن ۾ تدفين ڪئي وئي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي سگهيو.