نوابشاهه(ع آ نيوز)خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر بي بي آصفا ڀٽو زرداري شهيد بينظير آباد ضلعي جي تعلقي دوڙ جي ڳوٺ مرزا فرخ بيگ جو دورو ڪيو. آصفا ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ حڪومت جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو به موجود هئي، جن سنڌ پيپلز هائوسنگ جي تحت سيلاب متاثرن لاءِ ٺهندڙ گهرن جو دورو ڪيو. بي بي آصفا ڀٽو زرداري دنيا جي سڀ کان وڏي مفت رهائشي منصوبي جي عورت فائدي وٺندڙن ۾ مالڪي جي سندن جي ورهاست ڪئي. آصفه ڀٽو زرداري کي گهرن جون مالڪ عورتون پنهنجن مسئلن ۽ انهن جي حل بابت قدمن کان پڻ آگاه ڪيو. هن خطاب ڪندي چيو "مان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران اوهان کي مالڪي جون سندون ڏيڻ آئي آهيان”