ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ ۾ غيرمعياري دوائن جي خريداريءَ جي خدشي سبب سنڌ جي صحت کاتي ۾ اربين روپين جي دوائن جي خريداريءَ جي آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، دوائن جي خريداري جي آڊٽ لاءِ ڊي جي آڊٽ سنڌ کي ٽيڪنيڪل اسٽاف جي فراهميءَ لاءِ آڊيٽر جنرل پاڪستان کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، سومر ڏينهن پي اي سيءَ جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ جي صحت کاتي جي سال 2018ع ۽ 2019ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪميٽيءَ جي ميمبرن قاسم سومرو، طاحه احمد، ريحان راجپوت، صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ سميت سنڌ جي ڊي ايڇ اوز ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ۽ ڪميٽي جي ميمبر قاسم سومرو کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته صحت کاتي ۾ دوائن جي خريداريءَ جو ڪهڙو مڪينيزم آهي؟ ۽ ڪهڙي معيار تحت ڪهڙين ڪمپنين کي دوائن جي خريداريءَ جو ٺيڪو ڏنو ويندو آهي؟ جنهن تي صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته صحت کاتي ۾ دوائن جي خريداريءَ لاءِ پروڪيورمينٽ ڪميٽيءَ جي ذريعي ٽينڊر ڪيو ويندو آهي. ان موقعي تي پي اي سيءَ سنڌ جي صحت کاتي ۾ اربين روپين جي دوائن جي خريداريءَ بابت آڊٽ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ چيف ڊرگ انسپيڪٽر سنڌ بابت آڊٽ پيرا جي موقعي تي ڪميٽي ميمبر قاسم سومرو پڇاڻو ڪيو ته غير رجسٽرڊ ۽ جعلي دوائن خلاف ڪيتريون ڪاروائيون ڪيون ويون آهن؟ ۽ جن ميڊيڪل اسٽورن تان اهڙيون دوائون برآمد ڪيون پيون وڃن ته پوءِ انهن ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڇو نه ڪيو پيو وڃي؟ جنهن تي چيف ڊرگ انسپيڪٽر حفيظ تونيو پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته ڊرگ انسپيڪٽرن ايف آءِ اي ٽيم سان گڏ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص ۾ جعلي ۽ غيرجسٽرڊ دوائن جي خلاف ڪاروائيءَ دوران هلندڙ سال جي 5 مهينن دوران 25 ايف آءِ آر درج ڪيون آهن ۽ ڊرگ انسپيڪٽر صرف فارميسيز ۽ ميڊيڪل اسٽورن کي لائسنس جاري ڪرڻ سميت دوائن جي چيڪنگ جو اختيار رکن ٿا جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪرڻ جو اختيار ڊي ايڇ اوز وٽ آهي. ان موقعي تي صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته جعلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائون برآمد ٿيڻ وارن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي منظوري کاتي جو ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ ڏيندو آهي جنهن بورڊ کي مڪمل طور فعال ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي پي اي سيءَ جعلي ۽ غير رجسٽرڊ دوائون برآمد ٿيندڙ ميڊيڪل اسٽورن کي سيل ڪري انهن جا لائسنس رد ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سڄي سنڌ ۾ جعلي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. پي اي سيءَ صحت کاتي کي سڄي سنڌ جي ڊرگ انسپيڪٽرن جي ڪارڪردگي بابت پڻ انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اجلاس ۾ سنڌ جو صحت کاتو 6 ارب روپين جو آڊٽ رڪارڊ پي اي سيءَ کي نه ڏئي سگهيو جنهن تي پي اي سيءَ 6 ارب روپين جو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي صحت کاتي کي 2 مهينن ۾ مڪمل آڊٽ رڪارڊ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.