قومي اسيمبلي ۾ فوج سان ايڪتا جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور، ڪاميابي تي خراج

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪ فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪندڙ ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙپاڪ فوج سان يڪجهتي جي لاءِ قرارداد پيش ڪئي. هن چيو ته سڀني سياسي پارٽين پاڪستان جي لاءِ گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان سڀني جماعتن جي مشاورت سان هي قرارداد تيار ڪئي آهي. قرارداد جي متن موجب قوم پنهنجن اختلافن کان مٿي ٿي قيادت جي پٺيان گڏجي اتحاد جو مظاهرو ڪيو، ايون پاڪ فوج جي پيشه ورانه صلاحيت ۽ بهادري تي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ٺهراءٌ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج ڀارت جي بنا سبب جارحيت جي خلاف انتهائي ذميواريءَ سان ۽ مناسب طريقي سان دفاع ڪيو، هي ايون وطن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو، ۽ انهن جي قربانين کي قومي فخر، اتحاد ۽ حوصلي جي علامت قرار ڏئي ٿو. ايئر وائس مارشل موجب، پاڪ فضائيه ڀارت جي فضائيه جي مقابلي ۾ 6-0 سان ڪاميابي حاصل ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج پنهنجين ڪجهه صلاحيتن جو جزوي استعمال ڪيو، جڏهن ته ڪيترين ئي جنگي صلاحيتن کي مستقبل لاءِ محفوظ رکيو ويو. قرارداد جي متن موجب، ايون انهن دوست ملڪن جو به شڪريو ادا ڪري ٿو جن پاڪستان جي حمايت ڪئي. ايون علائقائي ۽ عالمي امن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو به ورجاءُ ڪري ٿو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته خطي ۾ پائيدار امن صرف سنجيده ۽ منظم ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي. حڪومت کي گهرجي ته ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ بين الاقوامي برادري کي سرگرم ڪري، ايون سنڌ طاس معاهدي تي مڪمل عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏئي ٿو، ۽ پاڪستان جي پاڻيءَ جي حقن جي تحفظ کي قومي سلامتيءَ جو اهم جزو قرار ڏئي ٿو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.