جيئن عام ماڻهن کي ڪي ڏکيا وقت يا واقعا نئين سري سان ڪجهه سکڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا ڏيندا آهن تيئن رياستن ۽ حڪومتن کي به ڏکيا وقت ۽ ڪي واقعا نئين سري سان ڪجهه سکڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا ڏيندا آهن.اسان جي ملڪي رياستن ۽ حڪومت کي به تڪراري ڪئنالن واري مسئلي ۽ ڀارت سان ٿيل جنگي جهڙپ وارن واقعن مان نئين سري سان سکڻ ۽ سمجهڻ جا موقعا مليا آهن. هونئن ته سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ اسان جي آڏو پنهنجي سڄي رياستي ۽ حڪومتي تاريخ موجود آهي جنهن ۾ ڪاميابيون به آهن ته ناڪاميون به آهن. خوش فهميون ته غلط فهميون به موجود آهن. غلط فيصلا به ڪيا آهن، بحران به آندا آهن پر مجموعي طور تي رياستي ۽ ملڪي تاريخ جو جائزو وٺبو ته محسوس ٿيندو ته اسان رياستي ۽ حڪومتي سطح تي سکيو ڪجهه گهٽ ئي آهي جڏهن ته سکڻ ۽ سمجهڻ جي گنجائش تمام گهڻي آهي.
اسان ان حوالي سان پهريون به هڪ ايڊيٽوريل ۾ تجويز ڏني هئي ته رياستي ۽ ملڪي پاليسي جي حساب هڪ جائزي وٺڻ جي ضرورت آهي ته گذريل ستر سالن جي پاليسيءَ اسان جي رياست ۽ ملڪ کي ڇا ڏنو ۽ ڇا ورتو آهي. ان حساب سان جيڪڏهن اسان ملڪي حڪمرانن جي بيانن جو جائزو وٺنداسين ته اڪثريتي طور تي ۽ شروع کان اهو چيو ويندو آهي ته اسان جو ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي. هر دور جي حڪمرانن پنهنجي حڪومت ۾ عوام سان ايئن ئي مخاطب رهندو آيو آهي ته ڇا ان جو مطلب يا نتيجو اهو نه ٿو ڪڍي سگهجي ته اسان کي رياستي ۽ ملڪي پاليسين ئي نازڪ دور ۾ ڦاسائي رکيو آهي.
اهو هڪ سوال آهي ۽ ٻيو سوال اهو آهي ته جيڪڏهن واقعي به اسان هر دور ۾ نازڪ صورتحال ۾ ئي آهيون ته ڇا رياستي ۽ ملڪي پاليسيءَ کي تبديل نه ٿا ڪري سگهون؟ مثال طورتي اسان گذريل 70 سالن ۾ ملڪ کي 1940ع واري قرار داد جي ابتڙ هلايو آهي. 1940ع ٺهراءَ جي روح کي تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. پاڻ هاڻي ان ٺهراءُ جي ڏينهن يعني 23 مارچ 1940ع کي رڳو قومي ڏينهن طور ساليانو ملهائيندا آهيون پر انکي ملڪي آئين طور ڪڏهن به استعمال نه ڪيو آهي جيڪا ممڪن آهي ته بنيادي غلطي هجي. اها به تاريخي حقيقت آهي ته 1940ع واري ٺهراءَ کي پٺي ڏيڻ کانپوءِ ئي ملڪ لاڳيتو مسئلن ۽ بحرانن جي ور چڙهيو آهي ۽ ان کانپوءِ ئي ملڪ اندر عليحدگي جون تحريڪون هليون. ننڍن صوبن کي وفاق کان شڪايت ٿيڻ لڳي ۽ کين هر قسم جي استحصال جو احساس ٿيڻ لڳو. ٻي وڏي رياستي ۽ حڪومتي غلطي اها رهي ته هن ملڪ کي آئين ۽ قانون جي بالادستي ۾ هلائڻ بدران ”نظريه ضروت“ تحت عدالتن کان فيصلا وٺي هلايو ويو. هن ملڪ کي هر دور ۾ مارشل لا ۽ آمريتي حڪومتي پاليسين به بحراني حالتن جو شڪار بڻايو آهي يعني ملڪ کي غير جمهوري پاليسين تحت هلايو ويو آهي. هتي چونڊون ته ڏيکاءُ طور ٿينديون آهن پر حڪومتون چونڊڻ جو ڪم عوام نه پر اسٽيبلشمينٽ ڪندي آهي.
پرڏيهي پاليسي ۾ به ڏسجي ته پاڪستان جا پاڙيسري ملڪن سان خاص ڪري ڀارت، افغانستان ۽ ايران سان جيڪي دوستاڻا لاڳاپا هئڻ گهرجن سي مستقل ناهن رهيا. تاريخ ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان هر دور ۾ ڪيتريون ئي جنگيون ٿيون، تڪرار رهيا ۽ ڇڪتاڻ ٿي آخر ۾ معاملو ڳالهين تي ئي آيو ۽ ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيو آهي.
سو ڳالهيون ئي جيئن ته هر مسئلي جو پهريون ۽ آخري حل آهي ته پوءِ ڇو نه ڳالهين ذريعي ئي هر تڪرار حل ڪرڻ جي پاليسي کي مستقل بڻايو وڃي. جيئن هاڻي پهلگام وار ي واقعي تي ڀارت غلطي ڪري ڇڪتاڻ ۽ جنگي پاليسي اختيار ڪئي جنهن ۾ کيس هر سطح تي ناڪامي پلئه پئي ۽ هاڻي ساڳيو آمريڪا جي مداخلت تي ڳالهين جي ئي ميز تي ٻئي ملڪ اچي رهيا آهن ۽ ڪالهه کان ڳالهين جو مرحلو وري شروع ٿي چڪو آهي. هاڻي ته آمريڪا اهو به چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ۽ ڀارت پاڪستان چاهين ته اسان ڪشمير جو مسئلو حل ڪرائڻ ۾ به ٽياڪڙي ڪري سگهون ٿا. عام طور تي ڀارت ان لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيو آهي ان جو اهو خيال رهيو آهي ته اهو ٻن ملڪن جو معاملو آهي ڪنهن ٽين ڌر کي ان ۾ ملوث ٿيڻ جي ضرورت ناهي پر لڳي ٿو ته ٽياڪڙي ۽ ڳالهين بنا اهو مسئلو جيڪو پاڪ ڀارت جي ڇڪتاڻ، دشمنين ۽ جنگين جو ڪارڻ رهيو آهي، حل نه ٿيندو. سو ان تڪرار جي حل جي ڪنهن به ممڪن آپشن کي ٽارڻ نه گهرجي.
جيستائين پاڪ ڀارت وچ ۾ چئن ڏينهن اندر جنگي صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا جي بروقت مداخلت کي سڄي دنيا اندر ساراهيو وڃي ٿو تنهن کي به اسان هميشه اهو چوندا رهيا آهيون ته دنيا جي سپر پاور ملڪ هئڻ ناتي ان کي دنيا اندر امن قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ئي سندس عزت آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هر دور ۾ اهو آمريڪا ئي آهي جنهن جنگيون ڪرايون آهن ۽ ملڪن کي آمريڪا کان جنگي هٿيار وٺڻ تي مجبور ڪيو آهي. اهو مفاد به دنيا ۾ جنگين جو وڏو ڪارڻ رهيو آهي. بهرحال پاڻ ڳالهه اها پيا ڪريون ته آمريڪا مداخلت ڪري پاڪ ڀارت کي جنگ بندي جو چئي ڳالهين جي ميز تي جيڪو آندو آهي سو رستو ٻنهي ملڪن کي پهرين ڏينهن کان ڏيکاريو پئي ويو.
سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ملڪي رياست هجي، حڪومت يا دنيا جا سڀ ملڪ تن کي تاريخ جا ڪي واقعا ۽ ڏکيا وقت سکڻ ۽ سمجهڻ جو نئين سري سان موقعو ضرور ڏيندا آهن. هر ڪنهن رياست ۽ حڪومت کي انهن واقعن مان سکڻ گهرجي. پاڪ ۽ ڀارت کي پهلگام واقعي، ڪجهه ڏينهن جي جنگي جهڙپ، آمريڪا جي مداخلت، ڳالهين جي ميز تي اچڻ هن خطي کي تباهي کان بچائڻ، پنهنجو ڪجهه فوجي نقصان ڪرڻ ۽ آمريڪا کي مثبت نموني مداخلت ڪر ي عزت ڪمائڻ واري مامري مان به نئين سري سان گهڻو ڪجهه سمجهڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو آهي.