لبرل پارٽي جي ڪاميابي ۽ مارڪ ڪارني جو سياسي اُڀار

تحرير: نديم علي خواجا

ڪينيڊا شمالي آمريڪا جو هڪ اهم ملڪ آھي، جنهن جي آبادي چار ڪروڙ کان به وڌيڪ آھي ۽ گادي جو شھر اٽاوا آھي، هي ملڪ ٽن سمنڊن جي وچ ۾ آهي، جنهن ۾ اٽلانٽڪ، پيسيفڪ ۽ آرڪٽڪ شامل آھن، ايراضي جي لحاظ کان ڪينيڊا دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ آھي، هن ملڪ جون سرحدي زمينون آمريڪا سان ملن ٿيون، جڏهن آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اليڪشن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪرڻ کان پوءِ صدارتي عهدو سنڀاليو ته هڪ تقريب ۾ هن انهي ڳالهھ جو اظهار ڪيو ته ڪينيڊا آمريڪا جو 53 صوبو ٿي سگهي ٿو. جنهن کي ڪينيڊا جي سياسي اڳواڻن ۽ عوام سختي سان رد ڪري ڇڏيو.

 ڪينيڊا ڪنهن وقت ۾ برطانيا جي ڪالوني طور پڻ مشھور هو، پر 1981 ۾ هڪ ايڪٽ تحت مڪمل طور خود مختيار بڻجي ويو، جڏهن ته هن برطانيه جي روايت کي برقرار رکيو ۽ هن وقت هو مڪمل طور جمهوري ملڪ آھي، ڪينيڊا جي پارليامنٽ ۾ جيڪا به پارٽي اڪٽريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي آھي، تنهن کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو آھي.  ڪجهه وقت اڳ ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽس ٽروڊو استعيفا ڏئي ڇڏي هئي، هو 9 سالن تائين اقتدار ۾ هو، هو مسلسل ٽن اليڪشنن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ ملڪ جو وزير اعظم رهيو، پر جڏهن آمريڪي صدر ڪينيڊا تي ٽيڪس مٿان ٽيڪس هنيو ته ڪينيڊا جي وزير اعظم جسٽس ٽروڊو پنهنجو موقف بهتر نموني پيش نه ڪري سگهيو ۽ ڪينيڊا جي عوام جي تنقيد جي گهيري ۾ اچي ويو، جنهن ڪري مجبورن هن کي اقتدار کان الڳ ٿيئڻو پيو.

 جڏهن ڪينيڊا ۾ اليڪشن ٿي ته هڪ ڀيرو ٻيهر لبرل پارٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، تجزيه نگارن جو خيال هو ته جسٽس ٽروڊو جي اقتدار ڇڏڻ کانپوءِ  هن پارٽي کي اڪثريت نه ملي سگهندي، پر نتيجا عوام جي سامهون هئا، جنهن پارٽي جي مقبوليت ۾ چار مهينا اڳ گهٽتائي اچي ويئي هئي، تنهن کي اليڪشن ۾ عوام اڪثريت سان ڪامياب ڪري ڏيکاريو، لبرل پارٽ 60 سالن جي مارڪ ڪارني کي پنهنجو وزير اعظم نامزد ڪيو، مارڪ ڪارني پيشي جي لحاظ کان هڪ بينڪر آھي، جيڪو بينڪ آف انگلينڊ ۽ بينڪ آف ڪينيڊا ۾ سربراھ طور ڪم پڻ ڪري چڪو آھي، هو مالياتي ۽ معاشي شعبي ۾ پڻ تمام گهڻي ڄاڻ رکي ٿو، جنهنڪري ڪينيڊا ۾ کيس چڱي طرح سڃاتو ويندو آھي، جڏهن آمريڪي صدر ڪينيڊا تي تمام گهڻو ٽيڪس لاڳو ڪيو ته مارڪ  ڪارني انهي فيصلي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، ۽ مزاحمت ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏي، ڪينيڊا جي عوام سندس اهڙي جذبي جي حمايت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.

 ڪينيڊا جو عوام سمجهي ويو ته اهو شخص ئي آمريڪا جي انهي فيصلي کي چيلينج ڪري سگهي ٿو، نتيجو سڀني جي سامهون آھي، مارڪ ڪارني اڪثريت سان ڪامياب ٿي ويو آھي، جڏهن آمريڪا محسوس ڪيو ته انهن ٽيڪسن سان ڪينيڊا تي ايترو فرق نٿو پوي ته هن في الحال انهي فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو آھي، ڇوته ڪينيڊا پڻ آمريڪا تي ٽيڪس وڌائي ڇڏيو هو، اهي ٻئي ملڪ هڪ ٻئي کي گاڏيون، وڏيون مشينون ۽ توانائي (انرجي) فراهم ڪندا آھن، آمريڪا جو موقف آھي ته هن سدائين ڪينيڊا سان ڪاروبار ڪري پنهنجو نقصان ڪيو آھي، اها چونڊ ڪينيڊا ۾ وڏي اهميت رکي ٿي، ڇو ته انهي چونڊ جو معيشت سان تمام گهڻو واسطو آھي، ڪينيڊين سرڪار جي اها به ڪوشش ھوندي آھي ته اضافي ٽيڪس هجڻ باوجود عوام کي هر شعبي ۾ خاص ڪري تعليم ، صحت ۽ روزمرھ جي شين ۾ وڌ کان وڌ سهوليت ڏجي، ڇوته اها عوام ئي آھي جيڪا اليڪشن دوران پنهنجي حمايتي پارٽي کي ڪامياب ڪندي آھي، جنهن مشڪل وقت ۾ سندن خيال رکيو هجي، ۽ صحت ۽ تعليم جي شعبي کي عوام جي سهوليت لاءِ وقف ڪيو هجي، عوام جي بهتر روزگار ۽ بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڏينهن رات ڪوشان هجي، جمهوريت انهي کي ئي چئبو آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.