جسماني وزن ۾ واڌ يا ٿولهه عام طور تي اسان جي طرز زندگي ۽ صحتمند سرگرمين کان پاسو ڪرڻ جو نتيجو هوندو آهي.
اسان روزاني اهڙا کاڌا کائيندا آهيون، جن جي ڪري جسم ۾ ڪيلوريز گڏ ٿينديون رهن ٿيون، جيڪي وزن وڌائڻ جو سبب بڻجن ٿيون.
ڇا توهان به چاهيو ٿا ته سولي ۽ گهڻي فائدي واري طريقي سان جسم مان ڪيلوريز گهٽائجن؟ جيڪڏهن ها، ته هيٺ ڏنل سولي عادتن کي پنهنجي زندگيءَ جو حصو بڻايو.
پُرسڪون ننڊ
رات جو دير تائين جاڳڻ سان ننڊ پوري نه ٿي سگهندي آهي، جيڪا وزن وڌائڻ جو وڏو سبب بڻجي ٿي. جيڪڏهن توهان پنهنجي جسم مان ڪيلوريز گهٽائڻ چاهيو ٿا ته روزانو 7 کان 8 ڪلاڪ پُرسڪون ننڊ ضرور ڪيو.
مدافعتي نظام جي مضبوطي سان ئي جسم مان ڪيلوريز گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي.
پاڻي جو گهڻو استعمال
صحت جو راز پاڻي ۾ لڪل آهي. وڌيڪ پاڻي پيئڻ سان نه رڳو جسم مان زهريلا مادا ٻاهر نڪري وڃن ٿا، پر ان سان ميٽابولزم به بهتر ٿئي ٿو، جنهن ذريعي ڪيلوريز کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي ٿي.
پنڌ گهمڻ يا ڊوڙڻ
پنڌ ڪرڻ يا ڊوڙڻ هڪ سادي ۽ ڪارائتي ورزش آهي، جنهن سان جسم جون ڪيلوريز ساڙڻ ۾ مدد ملي ٿي.
رسي ٽپڻ
ٻالڪپڻ ۾ گهڻن کي رسي ٽپڻ يا ٽپ ڏيڻ واري راند گهڻي پسند هوندي آهي. اها هڪ بهترين جسماني مشق آهي، جيڪا جسم مان ڪيلوريز ساڙڻ لاءِ تمام فائديمند ثابت ٿئي ٿي.