اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جو منھ ٽوڙ جواب ڏنو آهي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ سيز فائر ٿيڻ کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ بلاول چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ڀارتي جارحيت جو جواب ڏنو، جنهن دوران پاڪ فضائيه ڀارت جا 5 جهاز ڪيرايا، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف اهم ۽ ذميوار ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان هڪ ذميوار رياست آهي، جنهن 3 ڏينهن تائين برداشت جو مظاهرو ڪيو،هن چيو ته عالمي برادري به ذميواري جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي حمايت ڪئي ۽ سوال ڪيو ته ڀارت پهلگام واري واقعي جي عالمي سطح تي جاچ کان ڇو گهٻرائي رهيو آهي، سندس چوڻ هو ته ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي ۽ ياد ڏياريو ته پاڪستان پنهنجي زمين تان ڀارتي جاسوس ڪلبھوشن کي گرفتار ڪيو هو، بلاول جو چوڻ هو ته ڀارت مسلسل پاڪستان اندر دهشتگردي جي حمايت ڪري رهيو آهي.