ڀارتي جارحيت جو دفاعي جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو

اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ڀارت خلاف آپريشن بابت آگاهه  ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف صدر مملڪت آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي ۽ ڀارت خلاف ڪامياب جوابي ڪارروائي "آپريشن بنيان مرصوص” بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو. صدر آصف علي زرداري ڀارت کي مؤثر جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج جي بهادري جي ساراهه ڪئي.ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ پڻ شامل هئا. ذريعن موجب، وزيراعظم صدر کي موجوده جنگي صورتحال بابت آگاهه ڪيو، جڏهن ته پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. صدر آصف زرداري چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ امن پسند قوم هجڻ جو ثبوت ڏنو، ڀارتي اشتعال انگيزيءَ جي مقابلي ۾ صبر جو مظاهرو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي جارحيت جو دفاعي جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو. وزيراعظم ٻڌايو ته الحمدلله پاڪ فوج ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو. ڀارت پاڪستان تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا، پر پاڪستان صبر سان ڪم ورتو ۽ پهلگام واقعي تي غيرجانبدار جاچ جي پيشڪش ڪئي، جيڪا ڀارت رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.